ڊبلن (انٽرسٽنگ نيوز) هڪ عورت فٽبالر123  فوٽ پري بال اڇلائي رڪارڊ ٺاهي ورتو آهي. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آئرلينڊ جي عورت فٽبالر ميگن ڪيمبل تازو ڊگهي مفاصلي تائين فٽبال اڇلائڻ جو رڪارڊ ٺاهي ورتو آهي. 31 ورهين جي ميگن فٽبال کي 37.66 ميٽر يعني 123 فوٽ 2 انچ پري اڇلايو، جيڪو هڪ عالمي رڪارڊ آهي. ميگن ڪيمبل جو تعلق ڪلب لندن شٽي لائنسز سان اهي. اهو رڪارڊ عورت فوٽبال ۾ ڊگهي ٿرو اِن جو رڪارڊ آهي، جيڪو 37.55 ميٽر ٿيو. ميگن ڪيمبل ٻڌايو ته منجهس ۾ اها صلاحيت قدرتي آهي ۽ هوءَ 12-13 سالن جي ڄمار ۾ مردن جي ٽيم ۾ کيڏي آهي. هن چيو ته جڏهن هوءَ مردن جي ٽيم ۾ کيڏندي هئي ته انهن ڇوڪرن کان سندس ٿرو اِن وڌيڪ ڊگهو هوندو هو. هن ٻڌايو ته هن ڪڏهن به ان تي خاص تربيت ناهي ورتي، جڏهن ته هن جي ٻانھن جي غير معمولي لچڪ جي ڪري هوءَ فٽبال کي ايترو پري تائين اڇلائي سگهندي آهي.