ورڪشاپ(رپورٽ: غلام قادر شر) ورڪشاپ واسي عورت سان مبينا زيادتي وارو مامرو نئون رخ اختيار ڪري ويو، پوليس اهلڪارن کيس زبردستي ڊوائيز هولڊر خلاف بيان ڏياري ڪيس داخل ڪرايو، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، پوليس اهلڪار ڪوارٽر گهاٽ، خبر موجب ورڪشاپ واسي زاهدا پروين خاصخيلي سان زيادتي وارو مامرو نئون رخ اختيار ڪري ويو، شاهدا پروين خاصخيلي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ کيس منگلي ٿاڻي جا اهلڪار ڊوائز هولڊر شهباز پٺاڻ خلاف بيان ڏيارڻ لاءِ سمجهائيندي نظر اچي رهيا آهن، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد منگلي پوليس جي اهلڪار شهباز خاصخيلي کي ڪوارٽر گهاٽ ڪيو ويو آهي، سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ صارفين پوسٽون شير ڪندي لکيو آهي ته منگلي پوليس ڏيتي ليتي جي چڪر ۾ عورت شاهدا پروين کي استعمال ڪندي شهباز پٺاڻ خلاف پلان جوڙيو، ان پلان ۾ هڪ ايس ايس آءِ مک ڪردار ادا ڪري شهباز پٺاڻ خلاف عورت کي هٿ سان بيهاري زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو، هوڏانهن زيادتي جو شڪار عورت زاهدا پروين منظر تان گم، سندس وارثن پاران احتجاج ڪندي منگلي پوليس تي کيس گم ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي، زاهد پروين جي امڙ ميڊيا اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته ورڪشاپ پوليس زاهدا پروين کي ايس ايس پي سانگهڙ سان ملائڻ بهاني گهران کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، کيس خدشو آهي ته سندس ڌيءُ کي پوليس دٻاءُ وجهي ڪيس تان هٿ کڻائيندي، هن چيو ته زاهد پروين سان زيادتي ڪندڙ انتهائي با اثر آهن، پوليس به هاڻ انهن سان ملي وئي آهي، ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت کي پوليس سيف سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو آهي.