لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) برطانيا جي هڪ شهري عورت جيڪا ٽن ٻارن جي ماءَ به آهي ان ڪن اندر ڪوريئڙي جي نرسري دريافت ڪري ورتي، برطانوي ميڊيا موجب انگلينڊ جي هڪ ڪائونٽي شيشائر سان تعلق رکندڙ29 سالن جي لوسي وائلڊ جيڪا پارٽ ٽائيم ٽيچر ۽ تخليق ڪار به آهن، هُن مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن ننڊ مان اٿيس ته ڪن ۾ عجيب چرپر محسوس ٿي، شروع ۾ سوچيو ته ڪن ۾ متان مٽي هجي پر جڏهن سڄو ڏينهن اهڙي چرپر محسوس ٿي ته گهٻرائجي ويس، لوسي ٻڌايو ته ڪن صاف ڪندڙ ڪيميرا واري  اوزار سان پاڻ ئي ڪن جو معائنو ڪيو ان وقت خوفناڪ انڪشاف ٿيو ته ڪوريئڙو ڪن ۾ اندر گهڙي ويو آهي، فوري طور تي پنهنجي ڪن ۾ گرم زيتون جو تيل وڌو ۽ ڪوريئڙي کي ٻاهر ڪڍيو جيڪو تقريبن هڪ سينٽي ميٽر جي سائز جو هو. ڪوريئڙي کي ڪاميابي سان ڪڍڻ کانپوءِ ڪن مان رت وهي رهيو هو ۽ مان ٺيڪ سان ٻڌي نه پئي سگهان، اسپتال جي ڪن نڪ ۽ گلي جي شعبي سان رابطو ڪيو جتي ڊاڪٽرن چيڪ ڪرڻ کانپوءِ ٻڌايو ته هن جي ڪن ۾ ڪوريئڙن نرسري ٺاهي ورتي آهي، ڊاڪٽرن ان جي ڪن مان فوري طور تي خاص اوزار سان ڪوريئڙن کي وڏي ڪوششن کانپوءِ ڇڪي ڪڍي ورتو. عورت لوسي وائلڊ ان کي تجربي کي سڀ کان خوفناڪ درد قرار ڏنو آهي.