سڀ رعايتون ختم، اپيل رد، عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

0
309

عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن

عورت جج کي ڌمڪي ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جڊيشل مئجستريٽ ملڪ امان عمران خان کي 18 اپريل تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي

عمران خان جي وڪيلن پاران حاضريءَ کان ڇوٽ ۽ ضمانت جوڳا وارنٽ برقرار رکڻ جي استدعا ڪئي وئي

سرڪاري وڪيل مخالفت ڪندي چيو ته عمران خان تي حملي جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي ڪن پچي پيا آهن، 2 ڏينهن اڳ عمران خان هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ته ان وقت کيس خطرو نه هو

عدالت عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن

هي به پڙهندا

اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته جڏهن عدالتي حڪمنامو جاري ئي نه ٿيو آهي ته شيڊول ڪيئن جاري ڪيو ويو؟:جسٽس جمال مندوخيل