ڪڙيو گھنور(ن پ ا) حيدرآباد واسڻ حسينا نالي عورت پوليس اھلڪار جي گھر مان مبينا چوري جي الزام ۾ عورت اهلڪار، سندس ماءُ ۽ ساٿين جي مدد سان ڪڙيو گھنور جي ڳوٺ فقير محمد چانڊيو جي رھواسڻ 40 ورھين جي مسمات انيلا چانڊيو ۽ سندس مڙس پنھون چانڊيو کي بھاني سان گھرائي گھر ۾ قيد ڪري ھفتي تائين وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. عورت پوليس اھلڪارن ۽ سندس ساٿين لوھي سيخون گرم ڪري زال مڙس جي نازڪ عضون کي ڏنڀ ڏئي شديد زخمي ڪري ڇڏيو. وحشياڻي تشدد سبب عورت انيلا چانڊيو پنهنجو ھوش وڃائي ويٺي آهي. هڪ ڏينهن اھا عورت پوليس اھلڪار جڏهن پنهنجي مڙس سان گڏجي ڳوٺ فقير محمد چانڊيو پھچي يرغمال بڻيل زال مڙس جي گھر جي تلاشي وٺڻ بھاني گھر اندر ڀڃ ڊاھه ڪئي ته ڳوٺاڻن انھي پوليس اھڪار عورت ۽ سندس مڙس کي سوگھو ڪري ڪڙيو گھنور پوليس جي حوالي ڪيو. جتي انھي عورت پوليس اھلڪار مڃيو ته انيلا چانڊيو ۽ سندس مڙس پنھون چانڊيو سندس گھر ۾ قيد آهن . جنهن بعد علائقي جي بااثر ماڻھن جي مداخلت تي ڳوٺاڻي عورت انيلا ۽ سندس مڙس پنھون چانڊيو کي بازياب ڪرايو ويو . ھڪ ھفتي تائين يرغمال بڻيل عورت ۽ سندس مڙس جڏهن گھر پھتا ته سندن حالت تمام گھڻي خراب ھئي سندن جسم تي وحشاڻي تشدد جا نشان ھئا ۽ لوھي سيخون گرم ڪري ٻنھي زال مڙس جي نازڪ عضون ساڙيو ويو ھو. عورت انيلا چانڊيو جي ماء ۽ ڀينرن جڏهن انيلاچانڊيو جي نازڪ حالت ڏٺي ته کيس ڪڙيو گھنور ٿاڻي تي وٺي ويا پر پوليس سندن حد ۾ واقعو نه ٿيڻ جو جواز ڄاڻائي واپس موٽائي ڇڏيو.
متاثر پورهيتن کي بجليءَ جا ڪرنٽ ڏيڻ جو به انڪشاف
ڪڙيو گھنور: مسلسل ھڪ ھفتي تائين يرغمال بڻائي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايل عورت انيلا چانڊيو جو چوڻ آهي ته حسينا نالي عورت پوليس اھلڪار ۽ سندس ماءُ جيڪا به پوليس اھلڪار آهي. بھاني سان گھرائي کيس حيدرآباد جي ھڪ ٿاڻي تي وٺي ويون جتي پوليس اسان ٻنھي کي انھي عورت پوليس اھڪارن جي حوالي ڪري ڇڏي. جنهن بعد ھو ڪنهن جاءِ ۾ مسلسل ھڪ ھفتي کان قيد ھئا ۽ ٻئي ماءُ ڌيءُ عورت پوليس اھلڪار پنهنجي ساٿين جي مدد سان وحشياڻو تشدد ڪندا رھيا انيلا جو چوڻ آهي ته انھن عورت پوليس اھلڪارن لوھي سيخون گرم ڪري سندس نازڪ عضوي تي ڏنڀ ڏنا ۽ بجلي جا ڪرنٽ ھنيان . انيلا چانڊيو انھي عورت پوليس اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي گھر ڪندي آءِ جي پوليس سنڌ، ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد، ايس ايس پي حيدراباد ۽ وس وارن عملدارن کان انصاف جي گھر ڪئي وئي آهي.