اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 2024ع جي عام چونڊن ۾ عورتن جي شرڪت متعلق فافن رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. 2024ع جي چونڊن ۾ 2018ع جي مقابلي ۾ ٻيڻ تي وڌيڪ عورت اميدوارن چونڊن ۾ حصو ورتو. آزاد حيثيت ۾ عورت اميدوارن سبب عورت اميدوارن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو. 2024ع جي عام چونڊن ۾ عورت اميدوارن وڌيڪ سيٽون کٽيون ۽ سندن ووٽن جو حصو ٻيڻو ٿي ويو. فافن جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عام چونڊن ۾ سياسي پارٽين سڀ کان وڌيڪ ٽڪيٽون مرد اميدوارن کي ڏنيون. 2024ع جي چونڊن ۾ 2018ع جي مقابلي ۾ ٻيڻ تي وڌيڪ عورت اميدوارن چونڊن ۾ حصو ورتو. آزاد حيثيت ۾ عورت اميدوارن سبب عورت اميدوارن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو. 2024ع جي چونڊن ۾ 902 عورت اميدوارن اليڪشن ۾ حصو ورتو. 2018ع ۾ اهو انگ 465 هو، 119 عورت اميدوارن 92 قومي اسيمبلي جي سيٽن تي اليڪشن ۾ حصوورتو. 111 سياسي پارٽين مان صرف 35 پارٽين 20 عورتن کي ٽڪيٽون ڏنيون، 35 جماعتن مان 15 پارٽين قانون مطابق عورتن کي 5 سيڪڙو ٽڪيٽون نه ڏنيون. قومي اسيمبلي جي 123 سيٽن تي 191 عورت آزاد اميدوارن اليڪشن وڙهي. 77 تڪن ۾ سياسي پارٽين ڪنهن به عورت اميدوار کي ٽڪيٽ نه ڏني. 2024ع جي عام چونڊن ۾ 340 صوبائي تڪن تان 592 عورت اميدوارن اليڪشن ۾ حصو ورتو. 2024ع جي عام چونڊن ۾ عورت اميدوارن وڌيڪ سيٽون کٽيون ۽ انهن کي ووٽ وارو سيڪڙو به وڌيڪ هيو، مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي، جي ڊي اي، آءِ پي پي، نيشنل پارٽي مجموعي طور تي 5 سيڪڙو عورتن کي ٽڪيٽون ڏيڻ جي قانوني شرط پوري ڪئي. جماعت اسلامي، ٽي ايل پي، اي اين پي، جي يو آءِ مجموعي طور تي پنج سيڪڙو ٽڪيٽس عورت اميدوارن کي ڏيڻ وار تقاضا پوري نه ڪئي. پيپلز پارٽي قومي اسيمبليءَ جي لاءِ عورتن کي پنج سيڪڙو، مسلم ليگ ن 7 سيڪڙو، ايم ڪيو ايم 9 سيڪڙو، جي ڊي اي 23 سيڪڙو ۽ اي پي پي 15 سيڪڙو ٽڪيٽس ڏنيون. سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽي عورت اميدوارن کي 5 سيڪڙو، ايم ڪيو ايم 4 سيڪڙو، مسلم ليگ ن 14 سيڪڙو، جي يو پي 16 سيڪڙو ٽڪيٽس ڏنيون. پنجاب ۾ مسلم ليگ ن عورت اميدوارن کي هڪ سيڪڙو، جماعت اسلامي ٻه سيڪڙو، پ پ 5 سيڪڙو ٽڪيٽس ڏنيون. ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن 7 سيڪڙو، پ پ 5 سيڪڙو، اي اين پي 5 سيڪرو عورت اميدوارن کي ٽڪيٽس ڏيون. 2024ع جي عام چونڊن ۾ بلوچستان اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي 4 سيڪڙو، جي يو آءِ پاڪستان 0، مسلم ليگ ن 5 سيڪڙو، نيشنل پارٽي 9 سيڪڙو، بلوچستان عوامي پارٽي 7 سيڪڙو عورت اميدوارن ٽڪيٽس ڏنيون. 2024ع جي اليڪشن ۾ عورت اميدوارن جي ووٽ جي شرح 2023ع جي 2.7 سيڪڙو کان وڌي 4.3 سيڪڙو ٿي وئي. عورت اميدوارن 26 تڪن ۾ اليڪشن کٽيو. گذريل ڏهن سالن ۾ عورت ووٽرز رجسٽريشن بهتر ٿي. 2013ع جي عام چونڊن ۾ ووٽرز جو صنفي فرق 12.8 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 2024ع جي عام چونڊن ۾ 7.7 سيڪڙو رهجي ويو آهي. گذريل پنجن سالن ۾ عورت ووٽرز رجسٽريشن مردن کان وڌيڪ رهي. گذريل پنجن سالن ۾ مرد ووٽرز جي 17 سيڪڙو رجسٽريشن ۾ اضافي جي مقابلي ۾ عورتن جي ووٽ رجسٽريشن ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو. سڀ کان وڌيڪ صنفي فرق بلوچستان ۾ 12 سيڪڙو آهي، خيبرپختونخوا ۾ 9 سيڪڙو، سنڌ ۾ 8 سيڪڙو، پنجاب ۾ 5 سيڪڙو ۽ اسلام آباد 5 سيڪڙو رهيو. 2018ع جي عام چونڊن ۾ 172 قومي ۽ 398 صوبائي تڪن ۾ صنفي فرق 10 سيڪڙو کان وڌيڪ هيو. 2024ع جي عام چونڊن ۾ 38 قومي ۽ 102 صوبائي تڪن تي صنفي فرق گهٽ ٿي 9 سيڪڙو ٿي ويو. عام چونڊن 2018ع جي مقابلي ۾ عورتن جي ووٽن جو حصو وڌي ويو، 2024ع ۾ صوبائي اسيمبلي جي تڪن لاءِ عورتن جو ووٽر ٽرن آئوٽ 40 سيڪڙو مان وڌي 41.4 سيڪڙو ٿي ويو، 36 قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن ۾ عورتن جي ووٽن جو ٽرن آئوٽ مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ۽ 27 ۾ مردن کان وڌيڪ هيو. 51 قومي اسيمبلي جي تڪن تي مردن کان وڌيڪ 230 پولنگ اسٽيشنن تي يا عورتن ووٽ نه ڏنو ووٽ يا انهن جو ٽرن آئوٽ 10 سيڪڙو کان گهٽ هو. اين اي 44 ڏکڻ وزيرستان ۾ صنفي فرق 18 سيڪڙو، اين اي 266 قلعه عبدالله ۾ 29 سيڪڙو، اين اي 67 حافظ آباد ۾ 8 سيڪڙو ۽ اين اي 242 ڪراچي ۾ 17 سيڪڙو آهي.