لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) جنگلي جيوت ۽ سامونڊي زندگي جون وڊيوز ڪنهن کي پسند ناهن، اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن جڏهن ٽوٻن پنهنجي شوق لاءِ سمنڊ اندر دستاويزي فلمون ٺاهيون ان دوران ڪيترائي ته موت جي منهنجي ۾ هليا ويا يا زخمي ٿي پيا. اهڙي طرح جو هڪ واقعو تازو سامهون آيو آهي عورت وڊيو رڪارڊنگ دوران هڪ آڪٽوپس جي انتهائي ويجهو پهچي وئي. فوٽيج ۾ عورت کي آڪٽوپس جي ويجهو ترندي ڏسي سگهجي ٿو. وڊيو جي هڪ بلاگر انسٽاگرام تي شيئر ڪيو هو. جنهن جي سڃاڻپ ان جي بائيو جي موجب هڪ سرٽيفائيڊ فري ڊرائيور طور به ڪئي وئي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت هڪ آڪٽوپس سان گڏ تري رهي آهي. جڏهن ته آڪٽوپس پرسڪون ۽ عورت جي موجودگي کان بي خوف هو، جنهن سان هڪ شاندار منظر پيش ٿي رهيو هو. وڊيو کي هڪ ڪيپشن سان گڏ شيئر ڪيو ويو هو جنهن ۾ لکيل هو ته ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته آڪوٽپس جون 3 دليون، 9 دماغ ۽ نيرو رت ٿئي ٿو.