لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان وومين ٽيم آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز ۾ پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جاري رکندي، ٿائيلينڊ کي شڪست ڏئي 2025 ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. لاهور ۾ کيڏيل آءِ سي سي وومين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ميچ ۾، پاڪستان وومين ٿائيلينڊ خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 205 رنسون ٺاهيون. پاڪستان لاءِ سدره امين ۽ ڪپتان فاطمه ثنا بهترين بيٽنگ ڪئي، جن ترتيب وار 80 ۽ 62 رنسون ٺاهيون. 206 رنسن جي هدف جي پويان، ٿائيلينڊ 35 هين اوور ۾ 118 رنسن تي ڍير ٿي ويو. پاڪستاني بالرن فاطمه ثنا، نشرا سنڌو ۽ رامين شميم 3-3 وڪيٽون ورتيون. ڪپتان فاطمه ثنا کي سندس آل رائونڊ ڪارڪردگي تي پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو. ياد رهي ته پاڪستان وومين ٽيم ٿائيلينڊ وومين کي شڪست ڏئي مسلسل چوٿين فتح حاصل ڪئي آهي.