اڪري چودڳي(ن پ ا) عورتن ۽ ٻارن تي تشدد کي ڪيئن روڪجي جي عنوان هيٺ سنڌ پوليس وومين پروٽيڪشن سيل، هيومن رائٽس ۽ سول سوسائٽي پاران اڪري چودڳي ۾ آگاهي سيمينار ڪوٺايو ويو، مقررن اي ايس پي يو ٽي محمد نعمان، انسپيڪٽر مهناز بوزدار، وومين سيل انچارج ايس ايس پي خيرپور ديپا ڪماري، صعيب انصاري، ظهير انصاري، آصف خاصخيلي، عبدالواجد قريشي، محمد عالم شر، اقبال موروجو، سجاد حسين خطاب ڪندي چيو ته عورتون ۽ ٻار معاشري جي گهٽ پهچ واري فردن ۾ شامل آهن، جيڪي پاڻ ذهني، جسماني ۽ جبري تشدد ٿيڻ بعد به تشدد برپا ڪندڙن مان ئي انصاف جي اميد رکن ٿا، جنهن سبب تشدد بعد عزت نفس مجروح جو شڪار ٿين ٿا، هنن چيو ته عورتون ۽ ٻار نازڪ صنف هجڻ سان گڏ جذبات سان ڀريل احساس آهن، جيڪي تشدد جي هرقسم جي عمل بعد مايوس ٿي پنهنجو قدر وڃائي ويهن ٿا، عورتن کي گهر، اسڪول ۽ درسگاهه توڙي ملازمت ڪڙمت دوران هراسان ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب عورتون عدم تحفظ جو شڪار آهن.