ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) عورتن کي نوڪري واري هنڌ هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ فراهم ڪندڙ اداري ۾ تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ يونس ٽيڪسٽائل، گڊون ٽيڪسٽائل، گڊلڪ انڊسٽريز، معين خان ڊي ايچ اي اسپورٽس ڪلب، اين جي وي سيڪنڊري اسڪول جي پرنسپل، ڪيپٽن آمنه ذيشان، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ارونا راني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صوبائي محتسب جسٽس (ر) شاهنواز طارق، ڊائريڪٽر سعيد احمد شيخ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پرديپ ڪمار باشاڻي، منظور علي درس، منير چنا به موجود هئا. افشين ناز مهمانن جي آجيان ڪئي، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪنزه سعيد ۽ زينب شاهه سيشن جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي صوبائي محتسب جسٽس (ر) شاهنواز طارق خطاب ڪندي چيو ته عورتن کي ظلم ۽ هراساني خلاف چپ ڪري ويهڻ نه گهرجي اسان سڀني کي گڏجي هراساني کي ختم ڪرڻ گهرجي. گدون ٽيڪسٽائل جي محمد عقيل گودل صوابئي محتسب کي مبارڪون ڏنيون ۽ سندس ڪم جي ساراهه ڪئي. آخر ۾ مهمانن کي اجرڪ جا تحفا، شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.