پنوعاقل: گھر اندر داخل ٿيل چئني هٿياربندن عورتن جي ڪنن مان زبردستي والا ڇڪي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن تي عورتن منٿون ڪري پاڻ ڪنن مان والا لاھي کين ڏنا، متاثر شھري اڪرم آرائين موجب ڏوھاري ڀت ٽپي اندر داخل ٿيا، جنھن کانپوءِ ڪمرن ۾ اچي ھٿيار سڌا ڪري عورتن جي ڪنن مان زبردستي والا لاھڻ جي ڪوشش ڪئي، ھن چيو ته اڌ ڪلاڪ تائين ھٿياربند گھر اندر موجود ھئا، جن سموريون سيفون کولي ٻه لک روڪ رقم، 10 تولا سون، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو.