ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ناليواري اداڪار عدنان صديقي کي عورتن خلاف تبصرو ڪرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ويجهڙ ۾ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ خاص مهمان طور شرڪت دوران ميزبان عدنان صديقي کان سوال ڪيو ته هو عورتن ۾ سڀ کان پهرين ڪهڙي شئي کي نوٽيس ڪندو آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ عدنان صديقي بنا هٻڪ جي چيو ته مان سڀ کان پهرين عورتن جا پيرَ ڏسندو آهيان. هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته هو سمجهي ٿو ته هٿ ۽ پير ڪنهن به شخص جي صفائي ۽ شخصيت جي عڪاسي ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته هن لاءِ اِها شئي سڀ کان اهم آهي ته انسان ڪيترو صاف سٿرو آهي، پيرن کانسواءِ ٻيون شيون اهم نه آهن، بس ايترو هجي جو ڇوڪري جيئري هجي اِهو ئي ڪافي آهي. اداڪار جي اهڙي بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچي ويو آهي، مختلف پليٽ فارمز تي سندس اِها ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي ۽ واهپيدارن طرفان سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪيئي واهپيدارن عدنان صديقي جي تبصري کي غير مناسب، غير حساس ۽ غير ضرروي قرار ڏيندي مٿس تنقيد ڪندي چيو ته پنهنجي گفتگو ۾ عمر، جاءِ ۽ فالوونگ جو لحاظ رکڻ گهرجي. ڪجهه واهپيدارن جو چوڻ هو ته هڪ سينيئر اداڪار طور پنهنجي خيالن جي اظهار دوران سنجيدگي ۽ وقار برقرار رکڻ گهرجي، مزاح جي نالي تي اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪرڻ مناسب نه آهي. ٻئي پاسي عدنان صديقي طرفان پاڻ مٿان ٿيندڙ تنقيد تي ڪنهن به قسم جو ردعمل سامهون ناهي آيو.