خيرپور (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سياسيات شعبي پاران بينظير چيئر ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان عورتن جي ڪردار ۽ سندن بااختياريءَ جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سيمينار ٿيو، ان موقعي تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر يوسف خشڪ سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته عورتن جو  معاشري ۾ اھم ڪردار آھي جيڪي سماج ۾ ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ اولاد جي سرپرست جي حيثيت ۾ ڪم ڪن ٿيون، ڊاڪٽر خشڪ پاڪستان ۾ عورتن جي حقن بابت اڳڀرائي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي قيام کان وٺي عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو، جيڪو ڪيترن ئي ٻين ملڪن کي اڳ ئي حاصل هو، هن پاڪستان جي بهادر ۽ اڳواڻ عورتن جو ذڪر ڪندي بينظير ڀٽو جي قيادت جو خاص طور تي حوالو ڏنو، هن چيو ته عورتن کي تعليم، روزگار، ۽ سماجي اقتصادي ترقي ۾ ڀرپور شموليت جي حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آھي، ان موقعي تي آغا ناديا، فرزانه کوسو، عائشه ڌاريجو، علي اڪبر نائچ ۽ ٻين عورتن جي مسئلن ۽ سندن بااختياري بابت پنهنجا رايا پيش ڪيا.