اڄ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينھن ملھايو پيو وڃي. اقوام متحدہ جو اھو تمام سٺو قدم آھي، جنھن سان عورتن جي برابري ۽ انساني حقن جي حوالي سان ڀرپور جاڳرتا مھم ھلي ٿِي. ڪجھ ماڻھن جو خيال آھي تہ ان سان ڪو بہ فرق نٿو پوي، پر ايئن ناھي. اھا سوچ ڪا بھتر سوچ ناھي. عورتن جي عالمي ڏينھن تي جڏھن سڄي دنيا ۾ تقريبون، سيمينار، پروگرام، ڪانفرنسون ۽ احتجاج يا آزادي مارچ ٿين ٿا تہ فرق ضرور پوي ٿو. ظاھري ڳالھ آھي تہ پنجاھ يا سئو سال اڳ عورت جنھن ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ھئي، ان ۾ ھاڻي گھٽتائي آئي آھي، ۽ اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. اسان سنڌي سماج جي ڳالھ ڪنداسين تہ ان ۾ عورت جو رتبو ھميشہ مٿانھون رھيو آھي. عورت ھونئن بہ ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ، زال يا ڪنھن بہ رشتي ۾ تمام اھم ۽ اتم آھي، پر سنڌ جي سُھڻي شاعر لطيف جھڙي نموني عورت جي ڪردار کي بيان ڪيو ۽ ساراھيو آھي، ان سان سنڌو تھذيب جي عورت جو فخر کان ڳاٽ اوچو ٿي وڃي ٿو- سر مارئي، سر سسئي، سر سھڻي ۽ سر مومل عورت جي ڪردار سان ڀريل آھن، جنھن ۾ انھن جي وفا ۽ جدوجهد کي واکاڻيو ويو آھي. لطيف سائين سر سسئي ۾ عورت جي جدوجهد کي بيان ڪندي ھڪ ھنڌ چوي ٿو:
پيرن پنڌ ڇڏيو تہ گوڏن ڀر گسڪندياس،
گوڏن گسڪڻ ڇڏيو تہ چيلھ ڀر چرندياس،
چيلھ چرڻ ڇڏيو تہ سيني ڀر سرندياس،
سيني سرڻ ڇڏيو تہ ھٿن سان ھلندياس،
ھٿن ھلڻ ڇڏيو تہ اکين سان ايندياس،
مرون ٿي مرن ۾ جبل جھاڳيندياس،
جي مليا تہ ملندياس، نہ تہ گھوري جان جتن تان!
پُراڻي دور جي ڀيٽ ۾ ھاڻي سنڌ جون ڪيتريون عورتون استاد، پوليس ۽ صحت جي شعبي سرڪاري توڙي نجي ادارن ۽ فيڪٽرين ۾ مزدوري ڪن ٿيون، ۽ ڪنهن حد تائين نالي ماتر صحيح ڪجھ اھم ڪامورڪين پوسٽن توڙي سماجي تنظيمن اين جي اوز ۾ پِڻ وڏي تعداد ۾ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏيئي رھيون آھن. انھيءَ باوجود سماج ۾ صنفي تشدد جا ڪيترا واقعا ٿين ٿا تازو ئي فاطمہ ڦرڙو جو جنسي تشدد ۽ قتل جو ڪيس ظاھر ٿيو. ان کان علاوه ڪيترا ڪيس ظاھر ٿيا آھن، جنهن ۾ نمرتا ڪماري جيڪا ھڪ ميڊيڪل ڪاليج ۾ جنسي تشدد جو شڪار ٿي. ۽ ٻيا ڪيس جنهن ۾ تانيا خاصخيلي، نائلا رند، قرت العين عيني بلوچ ۽ ٻيا ڪيترا صنفي تشدد جا ڪيس ظاھر ٿيا آھن. ۽ ڪيترا ڪيس جيڪي ٻھراڙين ۾ ظاھر ٿين ٿا پر اھي دٻجي وڃن ٿا، جن جو ڪو داد فرياد بہ نٿو ٿئي. ٻھراڙي جي عام عورت سھولتن جي نہ ھجڻ جي باوجود گھر توڙي گھر کان ٻاھر جي ڪمن کي منهن ڏين ٿيون. توڙي جو معاشري ۾ عورت کي مرد کان گھٽ ترجيح ڏني وڃي ٿي. عورت کي گھر جي ڪمن يعني رڌ پچاءَ، گھر جي صفائي ٻار پيدا ڪرڻ ۽ ٻيا گھر جا ڪم مڙھيا وڃن ٿا، جڏهن تـ ٻھراڙي جي عورت گھر جي ڪمن سان گڏ جانور سنڀالڻ، گاھ ڪڍڻ، ڪاٺيون ڪرڻ، زمين جو ڪم ڪندي نظر اچي ٿي ۽ مرد کان وڌيڪ ذميداريون نڀائي ٿي. ٻھراڙي جون ڪيتريون عورتون سگھڙ عورتون پڻ آھن، جيڪي ھٿ جا مختلف ھنر يعني ٽڪ جو ڪم، سادو ڀرت، شيشا ٽانڪڻ، رلي سڀڻ، زري جو ڪم، ڪپڙا سبڻ سان گڏوگڏ پن جا پکا يعني گھرن لاءِ تڏا، تونئريون ٺاھڻ، ھٿ جا پکا ٺاھڻ، کٽ جو واڻ ٺاھڻ جو بھترين ھنر ڄاڻن ٿيون. ۽ سٺو ناڻو پڻ ڪمائين ٿيون. ضلعي ٺٽي جي ھزارين ڳوٺن جي عورتن ڇوڪرين سان مختلف سماجي ڪمن بابت ڪچھريون ٿين ٿيون ۽ عورتن جي مسـئلن تي ڳالهه ٻولھ ٿيندي رھي ٿي. اڪثر ڳوٺن جون عورتون تعليم کان محروم رھيون آھن. اھي ڳڻتي ۽ افسوس ڪندي اھو پڻ چون ٿيون تہ ٻھراڙين ۾ ھزارين اسڪول زبون حالت ۾ ھجڻ جي ڪري ۽ ڪٿي فرنيچر نـ ھجڻ، استادن جي کوٽ، ۽ غير ذميداري سبب اھي تعليم حاصل نہ ڪري سگھيون. ۽ ڪٿي عورت کي تعليم ڏيڻ جو رواج نہ ھجڻ سبب پڻ عورتون تعليم کان محروم رھيون آھن. انھيءَ سبب ھن جديد دور ۾ اھي سمجھن ٿيون تہ تعليم کان بغير انسان ڄڻ اڻپورو آھي. ۽ انهيءَ پڇتاءَ سبب ڳوٺاڻي عورت تعليم کي ترجيح ڏيندي پريشاني جو شڪار آھي. عورتن جو چوڻ آھي تہ تعليم جي کوٽ سبب صنفي تشدد عام آھي شعور نہ ھجڻ جي ڪري جسماني تشدد، ذھني تشدد، جنسي تشدد، ننڍي عمر ۾ شاديون، سماجي ۽ اقتصادي تشدد جھڙا واقعا ٿين ٿا، جڏهن تہ سماجي تنظيمون مختلف وقت تي جاگرتا مھم ھلائيندي نظر اچن ٿيون. سنڌي سماج جي عورت جو قدر جيڪڏھن توھان کي معلوم ڪرڻو آھي تہ پوءِ لطيف سائينءَ سان رجوع ڪرڻو پوندو. شاھ صاحب چوي ٿو:
واجھائي وطن کي ساري ڏيان ساھ،
بت منهنجو بند ۾، قيد ۾ ڪريجاھ،
پرڏيھياڻي پرينءَ ري، ڌار مَ ڌريجاھ،
ٿڌي وسائيج ٿر جي، مِٽي مون مٿانھ،
جي پويون ٿـئي پساھ، تہ نجان مڙھ ملير ڏي.
اھڙي طرح عورت وفا جي علامت، وطن سان محبت جي پيڪر ۽ ھڪ اھڙي جدوجهد جي علامت آجي، جنھن سان ڪير بہ مقابلو ڪري نٿو سگهي. وقت اچي ويو آھي تہ سنڌ جي عورت کي وڌيڪ سگھارو ۽ مضبوط ڪجي. سياسي سماجي طرح ۽ معاشي طور پڻ، تہ جيئن اھا پنھنجي پيرن تي بيھي سگھي. ۽ ھر مشڪل صورتحال جو مقابلو ڪري سگھي!