ٺري ميرواهه(ن پ ا) ٺري ميرواهه ۾ عورتن جي عالمي ڏينھن تي عورتن پاران معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ناڪا چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ست ڀرائي شر، فضا صدا شر، صفيه گل شر، بينظير شر ۽ ولايت شر چيو ته سنڌو درياءَ ۾ اڳ ئي پاڻي جي شديد کوٽ آھي، چولستان کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو مان ڪئنال ٺھي ويا ته سنڌ جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو، جنھن سان ڪيترائي سنگين مسئلا جنم وٺندا، هنن چيو ته زراعت، ماحوليات ۽ معيشت سميت عام ماڻهن جي زندگي تي پڻ خطرناڪ اثر پوندا، ھنن چيو ته سنڌ جي زراعت سنڌو درياءَ جي پاڻي تي دارومدار رکي ٿي، جيڪڏهن چولستان جا ڪئنال ٺھندا ته زرعي زمينون بنجر بڻجي وينديون، ھنن انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي ادارن کان گھر ڪئي ته سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ وارو منصوبو ختم ڪرڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري.