گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي پوليس ڪراچي واسي پيرسن کي گيمڙو جي ڪچي واري علائقي مان عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿي وڃڻ کان بچائي ورتو، گيمڙو پوليس موجب ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي پوليس ڪراچي جي منظور ڪالوني جي رهواسي 75 سالن جي پيرسن محمد خان خٽڪ کي ڪچي واري علائقي ۾ ويندي رستي مان اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو اغوا کان بچي ويل پيرسن محمود خان خٽڪ موجب ته مهينو اڳ رانگ نمبر تان عورتاڻي آواز ۾ فوزيه نالي عورت جي فون ڪال آئي، جنهن سان دوستي ٿي ۽ شادي ڪرڻ لاءِ ڪراچي مان ان سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو هيس ته پوليس اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.