عوام ڪاوڙيل آهي دنيا نقصان جو ازالو ڪري

0
57
ٻوڙي-سياست-گونگا-ماڻهو

 “وفاقي وزير ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نٿا ڪن، عوام ڪاوڙيل پر خاموش آهي، وقت اچڻ تي حساب وٺندو ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪم ڪندڙن کي شاباش به ڏيندو.” بظاهر ته هي لفظ تمام گهڻا سادا، روايتي ۽ عام لڳن ٿا پر جڏهن ملڪ جو وزير اعظم پنهنجي ڪابينا جي گڏجاڻي دوران هن قسم جي لفظن کي پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن جي آڏو بيان ڪري ته، نه هي لفظ سادا يا روايتي آهن نه وري عام هجڻ جو تاثر پيدا ڪن ٿا. هي لفظ هاڻي وزيرِاعظم جي ڪابينا سان ٿيل گڏجاڻي بعد منٽس جي صورت وٺي هڪ اهم سرڪاري ڊاڪيومنٽس جي شڪل ۾ محفوظ ٿي چڪا آهن. پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان جي وزيرِاعظمن يا اهم سياسي ۽ اداراجاتي سربراهن پاران جڏهن به پنهنجي ماتحت عملي ۽ ڪابينا جي ميمبرن سان گڏجاڻيون ڪيون وڃن ٿيون ته انهن جا منٽس ادارن ۽ ايوانن جي رڪارڊن جو حصو بڻجڻ ته عام ڳالهه آهي. گڏجاڻين ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، جيڪي گفتا زبان سان ادا ڪيا ويندا آهن ۽ جيڪي فيصلا ملڪ ۽ عوام جي ڀلي جي لاءِ ڪيا ويندا آهن انهن تي سندن عملي ۽ ميمبرن پاران ڪيترو عمل ڪيو ويندو آهي؟ يا اداراجاتي ۽ ڪابينا جي گڏجاڻين ۾ عوامي غم غصي جي باري ۾ جيڪو اظهار ڪيو ويندو آهي جهڙي طرح سان هاڻي وزيرِاعظم پاران ڪيو ويو آهي ته ان جو اثر عملي ۽ ارڪانن تي ڪيترو ٿيندو آهي؟ سوال ته هي به اهم آهي.

ملڪ ۾، ۽  خاص طور تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾، برساتي ٻوڏ جنهن لاءِ هاڻي هي عام راءِ جڙي ۽ پختي ٿي چڪي آهي ته هي برساتي نه پر “هٿ ٺوڪي ٻوڏ” آهي. عام ماڻهو جي وات جي ڳالهه هن وقت هي آهي ته، “اسان کان وڏيون غلطيون ٿي ويون آهن جو اسان پ پ پ کي ووٽ ڪيو جنهن اسان کي پنهنجي پندرنهن سالن جي عرصي اندر ٽي دفعا ٻوڙايو آهي. ڪيئي ڀيرا دربدر ڪيو آهي. جڏهن شهرن ڏانهن وڃون ٿا ته اتي نه اسان جي پرگهور لڌي وڃي ٿي نه اسان کي سر ڍڪڻ جي لاءِ اجهو مهيا ڪيو وڃي ٿو. نه ڪنهن مناسب روزگار سان لڳايو وڃي ٿو. بس سرڪاري ۽ عالمي امداد جا آسرا ڏئي هفتن جا هفتا رلائي چيو وڃي ٿو ته هاڻي هتان پنهنجو لڏو کڻو ۽ واپس ڳوٺ وڃو ڇاڪاڻ جو اتي هاڻي پاڻي گهٽ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي پر جڏهن ڳوٺن ڏانهن اچون ٿا ته ٻوڏ سبب تباهه ٿيل پنهنجن اجهن کي ڏسي اندر ٽٽي پوي ٿو ۽ ٻيهر پيپلز پارٽي ۽ پنهنجو ووٽ ڏيڻ ياد اچي وڃي ٿو”. سوشل ميڊيا تي ٻوڏ سٽيلن جا عوامي نمائندن جي باري ۾ نفرت انگيز وڊيوز ڏسي ۽ ڳالهيون ٻڌي حيرانگي انهيءَ ڪري به نٿي ٿئي ته هي سنڌي عوام آهي جنهن کي “احساس، انڪم، امداد” (3 الفن) تي اهڙو ته هيرايو ويو آهي جو جڏهن قطارون لڳن ٿيون ته جتي هن کي پوليس پاران لٺيون هنيون وڃن ٿيون اتي هن جي رقمن مان ڪٽوتيون به ڪيون وڃن ٿيون. اٻوجهه عوام سان هن قسم جا ڪريل ۽ ڪڌا عمل هاڻي نه صرف هڪ عام سرڪاري رويا بڻجي ويا آهن پر انهن ڪڌن عملن لاءِ عوام چئي رهيو آهي ته اهي سڀ ڪم سرڪاري سرپرستي ۾ ٿي رهيا هجن ٿا. عوام کي خوارين وارين قطارن ۾ بيهاري بيهاري نه پاڻي پيارڻ جي سهولت ڏني وڃي ٿي نه هلڪي ڦلڪي غذائي ضرورت پوري ڪئي وڃي ٿي. الٽو گرمي ۽ پيهه سبب ڪيتريون ئي عورتون بي موت مري چڪيون آهن. ڪيتريون بي هوش ٿي چڪيون آهن. پر مجال آهي جو جڏهن چونڊون ٿين ٿيون ته هي عوام پاڻ سان ڪيل وارتائن جو ڪو حساب ڪتاب سڌو ڪري. اڳ ۾ ته نلڪي، نوڪري ۽ نيڪال (3 نون) ۽ گهٽين جا ڪچا پڪا بلاڪ هڻائڻ جا وعدا ڪري ماڻهن کان ووٽ ورتا ويندا هئا پر هاڻي جديد دور ٿي ويو آهي سو ماڻهن کي هٿ ٽنگائڻ جي ڪني ڪرت جي حوالي ڪري اسان جي سڀني پارٽين جي قيادت ۽ ادارن جا سربراهه پنهنجي پنهنجي خاندان جي لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ گهرن کي خريد ڪرڻ کان وٺي تعليم ۽ ڪاروبار تائين جي سيڙپڪاري ڪري چڪا آهن سو هنن کي عام عوام جي اهنجن جي ڪهڙي پرواهه، چوندا آهن “هنڌ اهو سڙي جتي باهه ٻري.” هنن جا هنڌ ته ٿڌا آهن سو ٿڌن هنڌن تي رهڻ وارن کي ڪهڙي پرواهه ته عوام سورن ۾ آهي يا بکون پيو ڪاٽي، ٻڏي ٿو يا تري ڪنهن ڪنڌيءَ ڀر ٿئي ٿو.

وزيرِاعظم شهباز شريف جڏهن پنجاب جو وڏو وزير هو ته هو  اهڙو بي وس ڪونه هو جهڙي طرح هو هاڻي نظر اچي ٿو جو مٿي بيان ڪيل لفظن مان ان بي وسي جو عڪس چٽو پٽو نظر اچي ٿو. ان جو سبب هي هو ته پنجاب ملڪ جو اهو واحد صوبو آهي جنهن جو وڏو وزير مڪمل طور تي نه صرف بااختيار هوندو آهي پر هو آزاداڻي نموني سان سياسي ۽ معاشي فيصلا ڪندڙ به هوندو آهي. پر ملڪ جو وفاق هلائڻ ڪنهن چڱي ڀلي ماڻهو جي وس کان مٿي جو ڪم آهي. هتي فوجي آمر به گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهن پيا پر اهي به ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي بي وسي جو ماتم ڪندي نظر ايندا هئا. اڳوڻي آمر ۽ پاڻمرادي صدر پرويز مشرف ته ايترو به چيو هو ته وفاق ۾ حڪومت ڪرڻ ڪنڊن جي سيج تي سمهڻ کان به ڏکيو ڪم آهي. هاڻي ته صوبي پختونخوا جو وڏو وزير به پنجاب جي وڏي وزير وانگي فيصلا سازي جي لاءِ خودمختيار آهي. ان جو اندازو اسان کي ڪيترائي ڀيرا پختونخوا اچي وڃي ٿي چڪو آهي ته پختونخوا پنجاب کان به ٻه هٿ اڳتي پيو وڃي ايتري تائين جو پختونخوا ۾ رستن جو ڄار عالمي معيار جي شڪل صورت وٺندو پيو وڃي. ان جو مثال سوات ايڪسپريس  وي جنهن جي جوڙجڪ ۽ اڏاوت عالمي معيار واري هجڻ سبب هن کي سوات موٽر وي (ايم – 16) به چيو وڃي ٿو. ايم – 16 کي صوبائي سرڪار پنهنجي وسيلن کي استعمال ڪندي ۽ چين جي مدد سان نه صرف عالمي معيار مطابق تيار ڪرايو آهي پر جبلن ۽ پهاڙن کي ڪٽي هڪ ڪلو ميٽر کن ڊيگهه واريون ٻه جاڙيون سرنگهون به تيار ڪري ان کي سفر جي لاءِ محفوظ ۽ پرڪشش پڻ بڻايو آهي. پاڻ وٽ گورک هل اسٽيشن (گورک پهاڙي ماڳ) جهڙي منفرد ۽ تن تنها تفريحي ماڳ لاءِ موٽر وي ته پري رهيو پر عام ميٽلڊ روڊ به ميسر ناهي. وڏي ڳالهه ته دادو کان گورک تائين ڪل 94 ڪلوميٽر مفاصلو آهي جڏهن ته سوات موٽر وي جو مفاصلو اسلام آباد – پشاور موٽر وي (ايم – 1) کان چڪدره تائين 170 ڪلوميٽر کن ٿيندو جنهن کي اڃان اڳتي مالم جبا تائين وڃڻو آهي. سو هي حال آهي اسانجي صوبي جي حڪومت جو ۽ اسان جي وزيرِاعظم جو جيڪي پنهنجين بي وسين کي ڪابينا جي ارڪانن جي آڏو ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ ته ظاهر ڪن ٿا پر انهن کان پنهنجي سياسي مصلحت ۽ سمجهوتي جي ڪري ڪوبه پڇاڻو نٿا ڪن جن هٿ سان ڪٽ ڏيارائي سڄي سنڌ ٻوڙائي ڇڏي آهي. اسان جو وزيرِاعظم هي سوال ئي نٿو اٿاري ته ملڪ جا ٻه اهم صوبا هن وڏي مصيبت جي ور چڙهي ويا آهن ان مصيبت کي آڻڻ ۾ ڪنهن جون ڪنهن جون ڪوتاهيون آهن. وزيرِاعظم جي ڪابينا جي ارڪانن ۾ سنڌ جي ان عوامي پارٽي جو چيئرمين جناب بلاول ڀٽو زرداري به موجود آھي جيڪا پارٽي عوامي هجڻ جي خوب دعوى ته ڪري ٿي پر زمين تي ڪاري وارا ڪک آهن. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ناني وانگي نوجواني ۾ ئي ملڪ جو پرڏيهي وزير بڻيو آهي. ٻڌو آ ته هن پاران پي ٽي آئي سربراهه عمران خان کان به وڌيڪ عالمي امداد گڏ ڪئي وئي آهي پر ٻنهي پاران ان امداد کي ٻوڏ سٽيل عوام تائين ڪڏهن پهچايو ويندو ڪو منصوبو نظر ڪونه ٿو اچي. اسان جي سياسي پارٽين به ڪاروباري ماڻهن وانگي هر ان موقعي مان سياسي فائدا ئي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن کي هو قدرتي آفتون سڏين ٿا. هڪ طرف عمران خان کان سنڌ جو عوام وسريل آهي ته ٻئي طرف سنڌ جو عوام سنڌ حڪومت جي بدانتظامين جي ڪري دربدري واري زندگي گهاري رهيو آهي. واهر نه نون ليگ ڪري رهي آهي نه جي يو آءِ جن کي عمران خان مان جند ڇڏائڻ جو فڪر وڌيڪ آهي بنسبت ٻوڏ سٽيل عوام جي پرگهور لهڻ جي. اسان جو سيد سڳورو سيد مراد علي شاهه سنڌ جي ٻوڏ سٽيل ضلعن جا دورا ڪري ته رهيو آهي پر واهر ڪرڻ جي لاءِ هن وٽ به ڪو مناسب منصوبو نظر ڪونه ٿو اچي. سڄي بجيٽن کي ڊي سين جي حوالي ڪري ۽ انهن جي ئي وسيلي ورڇ ڪرائڻ تي سوال به اٿي رهيا آهن. سيد سڳوري جي ٻيڙي جو تيل ختم ٿي ٿو وڃي ته بي وسي جو عالم ته ڏسو ته صوبي جو چيف ايگزيڪيٽو هوندي هو ضلعي جي ڊي سي جي خلاف ڪا ڪارروائي نٿو ڪري سگهي. سندس ڪابينا جا وزير غائب آهن، پ پ پ جا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز گم آهن. لڳي ايئن ٿو ته هر حڪومت چاهي پوءِ اها وفاقي هجي يا صوبائي ٻوڏ سٽيلن کي عالمي امداد جي آسري تي انتظار ۾ رکيون ويٺي آهي. محسوس ايئن پيو ٿئي ته وفاقي اتحادي حڪومت وٽ اختيار نه آهن، صوبائي حڪومتن جا خاص طور سنڌ حڪومت جا حال سڀني کي ساريا پيا آهن سو عوام جي هن گهڙي ۾ جيڪڏهن ڪا مدد ٿي رهي آهي ته اها انهن ماڻهن پاران ٿي رهي آهي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهنجن ذاتي تعلقاتن کي استعمال ڪري ڪجهه نه ڪجهه واهر ڪري رهيا آهن پر بقول گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ته تباهي تمام وڏي ٿي آهي. پاڪستان جي وس کان ڪم گهڻو آهي. دنيا جا ملڪ هن جي مدد ڪن. اڳتي اچن ۽ ماڻهن جي واهر ڪن نه ته ٻي صورت ۾ بک ۽ بيمارين سبب وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. خود وزيرِاعظم شهباز شريف به چيو آهي ته اهي ملڪ جيڪي عالمي حرارت جو سبب بڻجي رهيا آهن اهي پاڪستان ۾ ٿيل نقصان جو ازالو ڪن. ڇا وزيرِاعظم هي ڳالهه ڪري سگهي ٿو ته پنجاب، پختونخوا ۽ بلوچستان مان آيل پاڻي سنڌ ۾ جيڪا تباهي مچائي آهي ان جي ازالو ٽنهي صوبن جي حڪومتن کي ڪرڻ گهرجي! دنيا مان انصاف جي اميد جي توقع رکو ٿا ته پهريان ان صوبي سان ته انصاف ڪريو جيڪو توهان جي هر غلط پاليسي ۽ غرض جو شڪار رهندو آيو آهي. ڇا سنڌ جي تباهين جو ڪو ازالو ڪيو ويندو جيڪي سن ستيتاليهن کان اڃان تائين جاري آهن.