نوابشاهه(رپورٽر ) اين پي پي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي نوابشاهه جي سينيئر صحافي مرحوم ڪامران عزير الله ابڙو جي وفات تي سندس فرزند صحافي ڪاشف عزيز الله ابڙو ڀاءُ حبيب الله ابڙو سان رھائش گاھه پھچي ساڻن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي غلام مرتضيٰ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته  چولستان ۽ ٿر ۽ ڪاڇي ۾ جن کي زمينون ڏنيون ويون آھن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرڻ لاءِ جيڪڏھن اھي ڪارپوريٽ فارمنگ ٺھي ويا ته خدشو آھي ته ڪئنال ضرور نڪرندا ھي صرف ڪئنال ڪينسل ڪيا ويا آھن، عارضي طور تي ختم نه ڪيا ويا آھن،  ڪو به ڪئنال چئني صوبن جي رضا مندي کان سواءِ نه ٺھي سگھندو .ھن چيو ته قومي حڪومت جيڪي ٺاھيندا انھن کي ئي خبر ھوندي مونکي ڪا خبر ناھي ته قومي حڪومت ٺھڻ وڃي پئي باقي تبديلي ضرور اچڻي آھي سال ۾ اچي يا ٻن ۾ پر اچڻي ضرور آھي، ھڪ شئي ڪڏھن به ناھي رھڻي عروج کي زوال آھي زوال کي عروج  ھن چيو ته 18 تاريخ تي جي ڊي اي ھڪ وڏو جلسو ڪري رھي آھي، نوابشاهه ۾ 90 مان ھتان ڪاميابيون ماڻيون بابا غلام مصطفي جتوئي 62 ۽ 66 ۾ ھتان ڪامياب ٿيو ، ڏاڏا ھتي 24 ۽ 28 ۾ ھتي جا نمائندا ھئا، نوابشاهه اسان جو قلعو رھيو آھي ۽ رھندو  ھتي اسان جا پراڻا ساٿي موجود آھن جن سان مرڻو پرڻو آھي، انھن جي ڏکن ۾ گڏ ھوندا آھيون اڄ به صرف تعزيتون ڪرڻ لاءِ نوابشاهه ۾ آيو آھيان، منھنجو پٽ ايندؤ رھندو آھي پر ان تي ڪيس درج ٿيل آھن ھو ٻاھر ويل آھي ان ڪري مان پنھنجي پراڻن دوستن وٽ آيو آھيان.