ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان، اجي ديوگن ۽ ٽائيگر شروف کي عوام کي گمراهه ڪرڻ تي قانوني نوٽيس جاري ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب ٽنهي اداڪارن کي اهو نوٽيس جئي پور ۾ ڊسٽرڪٽ ڪنزيومر ڪميشن طرفان پان مصالحي جي مبينا طور گمراهه ڪندڙ اشتهارن تي جاري ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ ومل پان مصالحه جي چيئرمين ومل ڪمار اگروال کي به نوٽيس جاري ڪندي چئني کي 19 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي ۽ غير حاضري تي هڪ طرفي فيصلي کان به خبردار ڪيو ويو آهي. ان کانواءِ ڪميشن سڀني اداڪارن ۽ پان مصالحه مينوفيڪچرنگ ڪمپني کي نوٽيس وصولي جي ڏينهن کان 30 ڏينهن اندر پنهنجا جواب داخل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب جئي پور سان واسطو رکندڙ هڪ وڪيل ڪميشن کي شڪايت ڪئي هئي ته پاڻ مصالحي ۾ زعفران شامل هجڻ جي ڪوڙي دعويٰ ڪئي وئي، جنهن سبب روز جي بنياد تي وڏي انگ ۾ ماڻهو اهو نقصانڪار پان مصالحو استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ڪمپني ڪروڙين رپيا ڪمائي رهي آهي.