نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ سربراهه اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ وارهه اسٽاپ کان محبت سنڌ ريلي ڪڍي وئي، جتي اياز لطيف پليجو جي 55هين سالگرهه جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز لطيف پليجو چيو ته پ پ 15سالا اقتدار ۾ سنڌ کي تباھي، بدامني، ڪرپشن، بک بدحالي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڏنو، هن چيو ته 2013 ۽ 2018 جي عام چونڊن ۾ ڌانڌليون ٿيون، جن ڌرين 2018ع ۾ عمران خان کي وفاق تحفي ۾ ڏنو ھو انھن جي مرضي آھي 2024 جنھن جي حوالي ڪن، ھن چيو نصيرآباد سميت قمبرشھدادڪوٽ، دادو ۽ ٻين ضلعن کي ٻوڙيندڙ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جو ايندڙ اليڪشن ۾ بائيڪاٽ ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ دوست ڌرين سان اتحاد ڪري اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين، ان موقعي تي مظهر راهوجو، خالد ڪلادي، اڪبر خاصخيلي، زينت سمون، رفيعه پليجو، عنايت تنيو، شوڪت تنيو، عنايت لاشاري، جميل لاڙ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.