عوام کي ‘نان اشوز’ ۾ اُلجهائڻ واريون اٽڪلون

0
21
غيرقانوني وياج جو ڪاروبار

هي رياست بحرانن جي بدترين دور مان گذري رهي آهي. روز نوان نوان بحران سامهون اچي رهيا آهن، پر ٻئي طرف حڪمران اشرافيه جو طريقه واردات هميشه اهو رهندو آيو آهي ته اهي عوام جو ڌيان حقيقي مسئلن تان هٽائڻ لاءِ انهن کي نان اشوز ۾ الجهائيندا رهيا آهن، پر سوين ڪوششن جي باوجود اهي بحران لڪي ناهن سگهندا، ۽ نئين روپ ۽ رنگ، نيون نيون صورتون وٺي سامهون ايندا رهن ٿا، بحرانن کان واريءَ ۾ مٿو لڪائي بچي نٿو سگهجي. بحرانن کان فرار حاصل ڪري نٿو سگهجي. فرار حاصل ڪرڻ سان بحران ختم نه ٿي ويندا. انهن کي حل ڪرڻ سان ئي اهي ختم ٿيندا. هڪڙي بحران کي لڪائڻ سان ٻيا نوان نوان بحران پيدا ٿيندا. بحرانن تان ڌيان هٽائڻ واري شعبديبازي خود رياست لاءِ خساري جو سودو آهي. عوامي ڪاوڙ جي آتش فشان کي ڦاٽڻ کان حرفت بازين سان ڪيستائين روڪي سگهبو؟

هي ملڪ مسئلستان بڻجندو وڃي ۽ حڪمران گوڊ گورننس ذريعي مسئلا حل ڪرڻ بدران روز نوان نوان مسئلا ۽ بحران پيدا ڪري رهيا آهن. اسان سمجهون ٿا ته، هر بحران پنهنجي هئيت ۾ انتظامي بحران آهي. سُٺي انتظامڪاريءَ جو بحران. عوامي مسئلا حل نه ٿيڻ سان ڪاوڙ جنم وٺي ٿي، بي اعتمادي جنم وٺي ٿي، احتجاج جنم وٺن ٿا. عوامي احتجاج عوام جي مزاج جي موسم جي پرک جا پئمانا هوندا آهن، جنهن سان عوام جي ڪاوڙ جي ۽ بي اعتماديءَ جي ڪٿ ڪئي ويندي آهي. دُنيا جي سُڌريل ملڪن ۾ عوامي احتجاج نظرانداز ڪرڻ جي ريت ۽ روايت نه آهي پر اسان جي ملڪ جي حڪمرانن جو انداز ئي ‘اور’ آهي. جيئن ڪُجهه شيون واٽر پروف ۽ شاڪ پروف هونديون آهن، تيئن اسان جا حڪمران احتجاج پروف آهن. انهن تي ڪنهن به عوامي احتجاج جو اثر ناهي ٿيندو. ايتريقدر جو عوام جو مسئلو به ايستائين انهن جو ڌيان حاصل ڪري ناهي سگهندو، جيستائين اهو ڪو “وڏو اشو” بڻجي سامهون نٿو اچي. ظاهر آهي ته حڪمرانن جي اهڙي روش سان ڪاوڙ جنم وٺي ٿي ۽ حڪمران ڄاڻڻ ٿا ته عوامي ڪاوڙ ٻيلا ٻاري ويندي آهي، ان ڪري ڪٿي ڌاڙيل فيڪٽر پيدا ڪري عوام تي نفسياتي ۽ اعصابي جنگ مسلط ڪري انهن جو ڌيان اصل مسئلن تان هٽايو ويندو آهي، ڪڏهن قبيلائي جهيڙن جي باهه ڀڙڪائي عوام جي ڪاوڙ هڪٻئي تي زائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪي ويندي آهي. ڪٿي وري منشيات ذريعي نسل کي تباهه ڪيو ويندو آهي ته جيئن ذهن سوچڻ جي سگهه ۽ مزاحمت جي قوت وڃائي ويهن. ڪڏهن ڪنهن ٽرڪ جي بتيءَ پويان لڳائي ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. جيئن ته ميڊيا رياست جو اهم ٿنبو آهي، ان ڪري مين اسٽريم ميڊيا به ڪم تي لڳي ويندي آهي پر انهن سمورين ڪوششن جي باوجود بحران لڪي ناهن سگهندا ۽ ڏينهون ڏينهن شديد کان شديد صورت ۾ ظاهر ٿيندا رهن ٿا. مطلب ته رياست جا سمورا ٿنبا رياست جي بحرانن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪِرت ۾ لڳل هوندا آهن پر اهي بحران تڏهن ختم ٿيندا، جڏهن انهن کي حل ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون. هڪ بحران جي ڪُک مان ٻيا بحران جنم نه وٺندا.

عوام جا حقيقي مسئلا بُک، بيروزگاري جي خاتمو، ملڪي وسيلن تي اختيار ۽ وسيلا ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي فلاح لاءِ استعمال ٿيڻ سان حل ٿيندا. تعليم ۽ صحت جون مفت سهولتون رياست جي ذميواري آهي. سماجي انصاف جي فراهمي نه ٿيڻ به عوام ۾ بي اعتمادي ۽ ڪاوڙ جو سبب آهي. قابض اشرافيه اهي مسئلا حل ڪرڻ نٿي چاهي ۽ روز نين نين حرفت بازين سان مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جون ڪوششون ڪري ٿي، جنهن ڪري الميه ۽ سانحا جنم وٺندا رهن ٿا. ان ڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته، عوام جو ڌيان حقيقي مسئلن تان هٽائڻ لاءِ انهن کي نان اشوز ۾ نه الجهايو وڃي اهو ئي رياست جي حق ۾ بهتر آهي. حڪمران اشرافيه کي اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته عوامي مسئلن کي نظرانداز ڪرڻ سان  سانحا جنم وٺندا آهن ۽ هي ملڪ ڪنهن ٻئي سانحي جو متحمل نٿو ٿي سگهي.