عوام کي سادگي جو درس ڏيندڙ اشرافيا عام انسان ٿئي

0
34
مڪاني چونڊون پرامن ڇو نه ٿي سگهيون؟

هڪڙي ننڍي ڪهاڻي اڪثر ٻڌندا آهيون، سچي، ڪوڙي يا ڏند ڪٿا پر  عوام سان ٿيل اڄوڪين حالتن تي صفا ٺهڪي اچي ٿي. چون ٿا ڪنهن ڳوٺ ۾ ڪو همراهه گذاري ويو قبرستان پري هئڻ ڪري لاش اٺ تي نيو پئي ويو هلندي هلندي اٺ وٺي ٽپا ڏنا ته ڪانڌين مان هڪ همراهه وٺي رڙ ڪئي ته “ مئو جو هاڻي”. سو اسان جي عوام سان به حڪمرانن اهڙي حالت ڪئي آهي.عوام جي زندگي جيڪا اڳ ئي عذابن منجهه هئي ان کي ٻڌي مهانگائي جي اٺ تي چاڙهيو ويو آهي ۽ هاڻي انهي مهانگائي جي اٺ ٽپا ۽ لوڏا ڏيڻ شروع ڪيا آهن.قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائي اڳ ئي عوام جو جيئڻ جنجال بڻايو ويٺي هئي ته حڪمرانن وري پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ايتري واڌ ڪري ڇڏي آهي جو هاڻي عوام سفري سهولتن کان ته  ويو کائڻ پيئڻ کان به لاچار ٿي ويندو جيڪو اڳ ئي سورن سان ٿيندو هو. حڪمران وري سادگي جون صلاحون انهي عوام کي ڏئي رهيا آهن جيڪي اڳ ئي رڳو ٻه ويلا رکي ماني به پيٽ ڀري کائڻ جهڙا ناهن.جتي اها صلاح ڏيڻ گهرجي ان ڏانهن نه ڪنهن جو ڌيان ٿو وڃي نه ئي ڪنهن کي همت ٿي ٿئي ڇاڪاڻ ته اشرافيا ڪلاس ڇا به ٿي وڃي پنهنجي زندگي جي انداز کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ حڪمران به انهي ڪلاس سان ئي تعلق رکن ٿا.

هن مهيني دوران ئي پيٽروليم جي شين جي قيمتن ۾ 60 رپيا في لٽر اضافو ڪيو ويو هو جيڪو ڌڪ پچائڻ جي عوام ڪوشش ڪري رهيو هو ته وري ٻه ڏينهن اڳ اڌ رات جو پيٽروليم جي شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي جنهن مطابق پيٽرول جي اگهه ۾ ذري گهٽ 25 رپيا لٽر ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ تقريبن 6 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي جنهن سان عام ماڻهو ته  ساهه کڻڻ جهڙو به نه رهيو آهي پر مڊل ڪلاس ۽ سفيد پوش ماڻهو به پنهنجي گذران جهڙا نه رهندا.حڪومت هڪ طرف اهو چئي رهي آهي ته اهو سڀ ڪجهه اڳوڻي حڪومت جي آءِ ايم ايف سان معاهدي مطابق ڪري رهيا آهيون ته ٻئي طرف وري اها دعويٰ ڪري رهي آهي ته اسان معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.حڪومت هڪ طرف اگهه وڌائي مڃي رهي آهي ته انهي سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ ڏکيايون ٿينديون ۽ مهانگائي وڌندي وري ٻئي طرف ڪجهه لک ماڻهن کي رڳو ماهوار ٻه هزار رپيا ڏيڻ جو چئي ڄڻ سمجهي رهي آهي ته انهن ٻن هزارن سان انهن جي زندگي ۾ سهولت اچي ويندي.

اصل مسئلو اهو ناهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي ۽ دنيا ۾ آيل مهانگائي جي لهر سبب ملڪي معيشت تي ڏکيا ڏينهن آهن جنهن جو اثر عوام تي وڌو پيو وڃي پر اصل مسئلو اهو آهي ته اسان جا حڪمران انهي اشرافيا تي بار وجهڻ نه ٿا چاهين جنهن ۾ هو پاڻ به شامل آهن.جيڪڏهن ملڪي معيشت جي حالت خراب آهي ۽ پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ مجبوري آهي ته پُوءِ انهي اشرافيا جون مراعتون ختم ڇو نه ٿيون ڪيون وڃن جيڪي قومي ناڻي تي بار بڻيل آهن،جن جي پروٽوڪول تي اربين رپيا خرچ ٿا ٿين.  اڄ به ڪو ريٽائر ڪامورو،جج،ريٽائر جنرل ملڪي ناڻي مان ڪهڙي حساب سان لکين رپين جون ماهوار رعايتون وٺي رهيو آهي جڏهن عوام هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي. اڄ به ريئل اسٽيٽ ۽ ٻين واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن کي ڇو قومي ناڻي مان ماهوار اربين رپين جي سبسڊي ڏني ٿي وڃي يا انهن کي ٽئڪس يا ڊيوٽي ۾ ڇوٽ مليل آهي؟ اصل مسئلو اهو ئي آهي ته عوام جي ناڻي جو استعمال عوام تي خرچ ٿيڻ بدران انهي اشرافيا تي ٿي رهيو آهي جيڪي ئي هن ملڪ جي اقتدار ۽ اختيار تي قابض آهن.

اسان سمجهون ٿا ته حڪمران جيڪي عوام کي سادي زندگي گذارڻ جي صلاح ڏئي رهيا آهن ته ڇا حڪمرانن کي خبر به آهي ته سادي زندگي ڇا هوندي آهي؟ جيڪو ماڻهو پاڻي سان رکي ماني ٻوڙي ٻه ويلا پيٽ ڀرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي اهو وڌيڪ ڪهڙي سادگي اختيار ڪري؟ اصل سادگي ته انهن کي اختيار ڪرڻ گهرجي جيڪي صبح منجهند شام پنهنجي ميزن تي ڪيترائي طعام سجائي رکن ٿا ۽ جن جو زمين تي پير ئي نه ٿو پوي نه ئي گرمي سردي جي انهن کي ڪا پرواهه آهي ۽ عوام جي پگهر جي پورهئي جي پئسي مان پروٽوڪول تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪن ٿا. سو حڪمران عوام کي سادي زندگي جو سبق ڏيڻ بدران اشرافيا ڪلاس کي عام ماڻهو ٿيڻ جو درس ڏين ته ملڪ تان ڏکيا ڏينهن ٽري ويندا.