اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت مهانگائي جي پيڙهيل عوام تي هڪ ٻيو بجلي بم ڪيرائي ڇڏيو. نيپرا ذريعن موجب، بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيه 28 پئسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي،  بجلي جي اگهن ۾ اضافو ٽن مهينن واري ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو. نيپرا ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ اضافو جون، جولاءِ ۽ آگسٽ ٽن مهينن لاءِ هوندو. ذريعن موجب، بجلي جي اگهن ۾ اضافي سان واهپيدارن تي 46 ارب رپين جو اضافي بار پوندو. نيپرا بجلي 3 رپيا 49 پيسا في يونٽ مهانگو ڪرڻ جي درخواست تي فيصلو 30 مئي تي محفوظ ڪيو هو. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي اپريل جي فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ اضافو گهريو هو، هوڏانهن هڪ خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب صارفين بجلي بلن جي قسط وار ادائيگين واري رليف کان به محروم ٿي ويا آهن، نيپرا بجلي بلز ۾ قسط جو تعداد محدود ڪري ڇڏيو آهي. دستاويزن موجب صارفين بجلي بلن جي قسط وار ادائيگي هاڻي صرف سال ۾ هڪ ڀيرو ئي بل جي قسط ڪرائي سگهندا،نيپرا ڪنزيومر سروس مينوئل ۾ ترميم ڪري ڇڏي ۽ ڪمپنين کي حڪم جاري ڪيا ويا آهن. نيپرا جي هدايتن موجب قسط ڪرائڻ جي صورت ۾ نئون ڪمپيوٽرائزڊ بل ئي جاري ڪيو وڃي،آخري ڏينهن موڪل جي صورت ۾ مقرر تاريخ ۾ واڌ نه ڪرڻ، سرڪاري موڪل سبب بل عدم ادائيگي تي ليٽ پيمنٽ سرچارج وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. دستاويزن ۾ چيو  ويو آهي ته مقرر تاريخ تي قسط ادا نه ڪرڻ تي 14 سيڪڙو ليٽ پيمنٽ سرچارج لڳندو.