هونئن ته مارڪيٽون هجن يا سرڪاري آفيسون، هر هنڌ عوام سان ڪاٽڪوئن واري ڪار ٿيندي رهي آهي، پر ٽيڪس جو معاملو هجي ته حڪومت به عوام کي نپوڙڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نٿي ڇڏي. ڪي رليف جا امڪان پيدا ٿين ٿا ته اهو به پوري ريت عوام ڏانهن منتقل نٿو ڪيو وڃي. گذريل ڀيري پيٽرول جي قيمت ۾ 30 رپيا في ليٽر واڌ ڪرڻ سان عوام جون دانهون ڪڍرائڻ کانپوءِ هن ڀيري پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 11 رپيا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي. اتي به حڪومت کي عوام بدران تيل ڪمپنين ۽ ڊيلرز جي مارجن جو اونو رهيو ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل تي مارجن ۾ 88 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي. نيون قيمتون لاڳو ڪرڻ کانپوءِ پيٽرول 328 رپيا، 38 پئسا في ليٽر ۽ ڊيزل 318 رپيا، 18 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي. هن کان اڳ 16 سيپٽمبر 2023ع تي پڻ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين (OMCs) ۽ ڊيلرز مارجن ۾ 88 رپيا في ليٽر جي حساب سان اضافو ڪيو ويو هو. اهڙي ريت هڪ ئي مهيني ۾ هڪ رپيو، 76 پئسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرز مارجن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
دنيا جي ملڪن ۾ گلوبلائيزيشن جي نالي واري عالمي استحصالي ايجنڊا جي مختلف هدفن جهڙوڪ: نجڪاري، ڇانٽي (ڊائون سائيزنگ/رائيٽ سائيزنگ)، لبرلائيزيشن وغيره جي حاصلات لاءِ غريب ۽ اسرندڙ ملڪن جي ڦرلٽ جو سلسلو هلندڙ آهي. مختلف طريقن سان دٻاءُ وجهي انهن ملڪن کي ان استحصالي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو. لبرلائيزيشن جي نالي ۾ ملڪي ادارن تان انتظامي گرفت ڍري ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي ٿو ته جيئن استحصالي ادارن ۽ گهڻ قوميائي ڪمپنين جي منافعي جو اهتمام ٿي سگهي. اسان جي ملڪ ۾ به استحصال جي ان ئي راهه تي سفر ڪرايو پيو وڃي. عالمي مارڪيٽ سان مطابقت جي نالي ۾ هر پندرهين ڏينهن (مهيني ۾ ٻه ڀيرا) حڪومت تيل ۽ گئس جي قيمتن ۾ تبديلي ڪندي آهي يا وري ساڳيون قيمتون برقرار رکيون وينديون آهن. گهڻي ڀاڱي تيل جون قيمتون وڌائي عوام تي مالي بار منتقل ڪرڻ سان گڏ مهانگائي جو جِن بڇيو ويندو آهي. نالو ته عالمي منڊي سان مطابقت جو هوندو آهي پر جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ وارو رجحان هوندو آهي، تڏهن به اڪثر ڪري هتي تيل جون قيمتون وڌايون وينديون آهن. ڪجهه مهينن کان جيڪا تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، اها گهڻي ڀاڱي آءِ ايم ايف جي شرطن موجب ڪئي پئي وڃي. هن وقت ڊالر جي قيمت ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ لڳاتار لاٿ ٿيندي پئي اچي پر حڪومت ان جو پورو فائدو عوام کي ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هن ملڪ جي انتظامي حاتم طائين پيٽرول جي قيمت ۾ 30 رپيا واڌ ڪري صرف هن ڀيري 8 رپيا گهٽتائي ڪئي آهي. اهو رليف به پوري ريت عوام کي نه ڏنو ويو آهي. آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرن جي مفاد جي محافظن مارجن (نفعو) ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. رڳو هڪ مهيني ۾ اهو مارجن في ليٽر هڪ رپيو، 76 پئسا وڌايو ويو آهي. ڏسڻ ۾ ته اها ٿورڙي رقم اچي ٿي پر پيٽرول جي وڪري جي حساب سان اهو منافعو به روزانو ڪروڙن ۾ ٿئي ٿو. حڪمرانن کي عوام جي بدران تيل ڪمپنين ۽ ڊيلرن جي نفعي جو لاچار رهندو آيو آهي. هن ڀيري جيڪا 88 پئسا في ليٽر مارجن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ان ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا في ليٽر 47 پئسا ۽ ڊيلرز جو مارجن 41 پئسا وڌايو ويو آهي. مجموعي طور تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو پيٽرول تي مارجن 6.47 رپين مان وڌي 6.94 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊيلرز جو مارجن پيٽرول ۽ ڊيزل ٻنهي تي 7.41 رپين کان وڌي 7.82 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي. پيٽرول جي قيمتن ۾ وڏي ۾ وڏو ڌاڙو PDL (پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي) جي نالي ۾ هنيو وڃي ٿو، جيڪا رقم پڻ 60 رپيا في ليٽر کان به وڌيڪ آهي. توڙي جو جي ايس ٽي ٻڙي آهي پر ان جي بدران ان جو نالو بدلايو ويو آهي. اها اهڙي رقم آهي، جيڪا صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ بدران سڌي ريت وفاق وٽ وڃي ٿي ۽ صوبن جو ان رقم تي ڪوبه حق نه آهي.
حڪمرانن طرفان عوام تي شعبديبازين ۽ اٽڪلن جا نوان نوان نسخا آزمائڻ جو عمل جاري آهي. حد ته اها آهي جو پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اڌو اڌ ٽيڪس شامل هوندو آهي. جڏهن به انهن ٽيڪسن جي ظالماڻي اوڳاڙي جي دانهن ڪجي ٿي ته اهو ئي جواز ڄاڻايو وڃي ٿو ته دنيا جي ملڪن ۾ اسان جي ڀيٽ ۾ پيٽرول جون قيمتون وڌيڪ آهن. اهو جواز ڄاڻائيندي اها ڳالهه سراسر نظرانداز ڪئي وڃي ٿي ته انهن ملڪن ۾ عوام جي في فرد آمدني وڌيڪ آهي، اجرت گهڻي آهي ۽ ٻيو ته تعليم ۽ صحت سميت عوام کي سموريون سهولتون رياست طرفان حاصل آهن. ان ڪري ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو منافعو گهٽايو وڃي، ڊيلرز مارجن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ PDL (پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي) جي رقم گهٽائي عوام تان بار هلڪو ڪيو وڃي.