ميرپوربٺورو(ن پ ا) ميرپور بٺورو ۾  گسٽا، پ ٽ الف پاران عبدالجبار زئور، امجد خيرپوري، عبدالرزاق لنڊ، شوڪت سومرو جي اڳواڻي ۾  بجيٽ کي عوام دشمن قرار ڏيندي احتجاج ڪيو ويو آهي، مختلف شعبن جي سرڪاري ملازمن بينڪ چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب صوفي شاهه عنايت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت عوام دشمن ۽ تعليم دشمن بجيٽ پيش ڪري سنڌ جي عوام توڙي سرڪاري ملازمن ۾ بيچيني وڌائي ڇڏي آهي، بجيٽ ۾ حاضر سروس ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهار ۾ مهانگائي جي مناسبت سان اٽي ۾ لوڻ برابر اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽيڪس وڌايا ويا آهن، جنهن سان هنن جو گذارو ڏکيو بڻجي ويو  آهي، سنڌ جي ملازمن کي ڊسپيرٽي ريڊڪشن الائونس گروپ انشورنس نه ڏنو ويو آهي سراسر سنڌ جي ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي بجيٽ تي نظر ثاني ڪري اسان کي گهربل حق ڏياريا وڃن .