عوام جي سهپ ۽ برداشت کي نه آزمايو!…

0
27
کنڊ: ايڪسپورٽ- امپورٽ راند

هونئن ته هر حڪومت جا فيصلا عوام کي آزاريندڙ رهيا آهن پر جڏهن کان آءِ ايم ايف سان پريت جو پيچ پاتو ويو آهي، تڏهن کان اها ستم جي ڪهڙي مشق آهي، جيڪا عوام تي آزمائي ناهي وئي! ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ جي نالي ۾ عوام سان جيڪا تاريخي جُٺ ڪئي وئي آهي، هن ملڪ جي تاريخ ۾ ان جو مثال شايد ئي ڪو ملي. جهڙي نموني وقت به وقت تيل، گئس ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، ان سان عوام جو جيئڻ ئي جنجال ٿي ويو آهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ جيڪا پگهارن ۾ خيرات جيتري معمولي واڌ ڪرڻ جي تجويز آهي، اها واڌ لاڳو ٿيڻ کان اڳ ئي حڪومت اها واپس وٺي ڇڏي آهي.  ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 4 روپيا، 80 پئسا ۽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 7 روپيا، 95 پئسا اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان واڌ کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 258 روپيا، 43 پئسا في ليٽر، ۽ ڊيزل جي قيمت 262 روپيا، 59 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

هن ملڪ جي حڪمرانن، عوام کي چؤکنڀو ٻڌي، عالمي استحصالي ايجنڊا جي تڪميل ڪندڙ مالياتي ادارن جي اڳيان اڇلائي ڇڏيو آهي، عالمي ادارا انتهائي بيرحميءَ سان عوام جو رت ست نپوڙڻ واري واٽ تي هلي رهيا آهن. ملڪ کي عوام لاءِ ڄڻ ته عقوبت خانو بڻايو ويو آهي. عوام جي مرضيءَ جي ابتڙ عالمي استحصالي ادارن جي فرمائش تي قيمتن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. بجليءَ، گئس ۽ تيل جو استعمال عوام جي پهچ کان پري ڪيو ويو آهي. هن وقت تيل جي قيمتن ۾ جيڪو اضافو ڪيو ويو آهي، اهو ته گهڻ طرفن هاڃيڪار اثرن جو طوفان آڻيندو. هونئن به جڏهن تيل، گئس ۽ بجليءَ جي قيمتن ۾ اضافو ٿئي ٿو ته هر شئي جي قيمت وڌي ٿي، جو هر پراڊڪٽ جي قيمت ۾ ٻارڻ جي قيمت به شامل هوندي آهي. هنن حڪمرانن ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ جي نالي ۾ عوام کي ڪٿي پهچائي ڇڏيو آهي، اهو تصور ئي ڪنبائيندڙ آهي.

دنيا جي هر ملڪ ۾ هر اها پارٽي جيڪا اقتداري سياست ڪري ٿي، ان وٽ پنهنجي معاشي ماهرن جي ٽيم هوندي آهي پر اسان جو اڀاڳ اهو آهي ته هتي ڪو ساک وارو معاشي ماهر نه آهي. هڪ بينڪر کي آڻي خزاني مٿان ويهاريو ويو آهي. اهو “مارڪيٽ” جو مسواڙ تي ملندڙ وکر موجود آهي، جيڪو پئي پراڻو نه پيو ٿئي، اهڙن مان پاڪستان به “مستفيض” ٿيندو رهيو آهي. هڪ طرف نئين مالي سال ۾ ظالماڻا ٽيڪس مڙهڻ ۽ مٿان وري تيل جي قيمتن ۾ اضافي عوام جي سهپ ۽ صبر کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. عوام سان ٿيل ان ستم سان ڪاوڙ جي جوالا مکي جو ڦاٽڻ اڻٽر آهي ۽ عوام جي صبر کي آزمائڻ وارن حڪمرانن کي ياد رکڻ گهرجي ته دنيا جي مظلوم پيڙيل ماڻهن وانگر هن ملڪ جي عوام جي ٻانهن ۾ به ڇٽَ، پَٽن سان هڻڻ جو ٻَل موجود آهي. مھانگائي اڳ ۾ ئي ان نھج تي پھتل آھي جو ماڻھن جو جيئڻ جنجال بڻيل آھي، ماڻھو غربت ۽ فاقاڪشي جي ڪري خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن، پنھنجا ٻچا وڪڻڻ تي مجبور آھن. بجلي جا بل نٿا ڀري سگھن، گھر جو راشن نٿا وٺي سگھن، گھر جو ڪرايو نٿا ڏئي سگھن، اگھائيءَ ۾ پنھنجو علاج نٿا ڪرائي سگھن. اھا حالت ته اُنھن ماڻھن جي آھي، جن کي مھيني ۾ ٿورو گھڻو پئسن جو آسرو ھوندو آھي پر اھي ماڻھو جيڪي ڏھاڙي تي ڪمائين ٿا، اھي تمام گھڻي ذھني ڪشمڪش ۾ مبتلا آھن پر باوجود ان جي ملڪ جا معاشي ماھر ملڪ جي معيشت جو جنازو ڪڍي رھيا آھن. ھن ملڪ جي حڪمرانن کي ملڪ جي غريبن ماڻھن سان اھا راند بند ڪرڻ گھرجي. ملڪ جي وسيلن کي استعمال ڪري، بھتر معاشي پاليسيون جوڙي نه رُڳو ملڪ جي قرضن کي گھٽائي سگھجي ٿو پر ھتي جي معاشي حالتن کي بهتر ڪري سگھجي ٿو. پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اعلانيل اضافو واپس ورتو وڃي.