حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته اسان کي به سڀ کان پھرين پنھنجي خودمختياري، پنھنجا مفاد، پنھنجا ماڻھو ۽ انھن جي خوشحالي، پنھنجي معيشت عزيز ھجڻ گھرجي پر افسوس جيڪي به حڪمران اچن ٿا اھي ٻاھرين ڊڪٽيشنز تي ھلي ملڪ کي غلام بڻائي ڇڏين ٿا. پنھنجو سمنڊ، درياھ، انيڪ قدرتي وسيلا ھجڻ باوجود اسان جو عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ بک، بدحالي ۽ بيروزگاري تمام گھڻي وڌي وئي آھي. هن چيو ته عام چونڊن کان اڳ ۾ ڪرپٽ ماڻھن کي گرفتار ڪيو وڃي. حقيقي ترقي پسند، جمهوريت پسند، روشن خيال ۽ محب وطن قوتن اڳيان ھميشه رڪاوٽون وڌيون ويون آهن انھن کي دٻائڻ لاءِ مھرا پاليا ويا آھن. ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي اچڻ ئي نه ڏنو ويو آهي. مينيج ڪري آندل حڪمرانن ۽ عوامي قوتن کي دٻائڻ جي ڪري ملڪ ۾ سدائين بحراني حالتون رهيون آهن. مھانگائي، بيروزگاري، لاقانونيت، ڪرپشن، وسيلن جي نيلامي، ميرٽ جو قتل وڏا مسئلا آھن. هن چيو ته مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. عوام جي حقيقي آواز کي دٻائڻ لاءِ مصنوعي اشو پيدا ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن به برابري وارا حق نه مليا آهن. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبا آهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. جتان تيل ۽ گئس نڪري ٿو اتي جا ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جا لکين ماڻهو گئس جي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، روڊ ناهن، صحت جي سهولت ناهي، تعليم کان محروم رکيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي ترقي کان بلڪل محروم رکيو ويو آهي.