عوام جا نفسياتي مونجهارا حڪمرانن جي مفاد ۾ آهن

0
55
عوام جا نفسياتي مونجهارا حڪمرانن جي مفاد ۾ آهن

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته جنهن معاشري ۾ معاشي ۽ سماجي اڻبرابري هوندي آهي، تنهن سماج ۾ انيڪ سماجي ۽ معاشي مسئلا جنم وٺندا آهن، جيڪي اڳتي هلي ڪيترن ئي ذهني مونجهارن ۽ نفسياتي بيمارين جو سبب بڻبا آهن ۽ خاص طور اهي تڪليفون انهن ماڻهن کي وڌيڪ ٿينديون آهن، جيڪي معاشي طور ايترا سگهارا نه هوندا آهن ۽ جيڪي معاشي طور سگهارا هوندا آهن، انهن جي ذهني مونجهارن جا سبب گهڻو ڪري شخصي ۽ جذباتي نوعيت جا هوندا آهن. ماهرن جي راءِ موجب انهن جا هيٺيان سبب آهن:

1) ٻارن سان ننڍي هوندي ٿيل جنسي ڏاڍائي، حادثا، جهڙوڪ پيءُ، ماءَ جو مري وڃڻ، ڪنهن به حوالي سان بي سهارو هجڻ ۽ ٻار جي شخصيت کي اهميت نه ڏيندي ان کي مارڪٽ ڪرڻ، ان سان برو سلوڪ ڪرڻ.

2) اڪيلائي، پنهنجي پورهئي جي حوالي سان نفرت جو شڪار ٿيڻ، متڀيد، ذاتين جو فرق رکڻ، ڪنهن عزيز شخصيت جو وڇڙي وڃڻ.

3) گھڻو وقت ڪنهن بيماري ۾ مبتلا رھڻ، بيروزگاري ۽ روزگار جي ختم ٿيڻ جو الڪو، غريب ۽ بي گهر هجڻ.

4) خطرناڪ ايڪسيڊنٽ مان بچي وڃڻ، ڪنهن فوجي مهم تان جيئرو موٽڻ، جنهن ۾ موت جو خطرو هجي ۽ ڪن خطرناڪ ڏوهارين هٿان تشدد جو نشانو بڻجڻ.

5) جسماني مرض جهڙوڪ مرگهي ۽ دماغ کي لڳل ڌڪ جا اثر.

مٿي ڏنل سببن جي ڪري جيڪي ذهني مونجهارا، پريشانيون ۽ بيماريون جنم وٺن ٿيون، سي هيٺ ڏجن ٿيون:

  1. PPD (Paranoid personality disorder)

هن مونجهاري ۾ مريض ٻين تي اعتبار ڪرڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندو آهي. هن جي خيال ۾ ماڻهو هن جو غلط فائدو وٺندا. هن کي هر وقت خطرو محسوس ٿيندو آهي ۽ هن کي پنهنجا ماڻهو به نقصانڪار لڳندا آهن!

2.SPD (Schizoid personality disorder)

هن مونجهاري ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجي رت جي رشتن کان به بيزاري ٿيندي آهي. هو محسوس ڪندو آهي ته ماڻهو هن جي لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن، انڪري هو رشتن ٺاهڻ کان پري رهندو آهي. هو پنهنجن کان به پري رهندو آهي ۽ نتيجي ۾ روزمره جي زندگيءَ جو مزو به ماڻي نه سگهندو آهي.

3.ASPD (Anti social personality disorder)

هن مونجهاري ۾ مريض جو ورتاءُ خطرناڪ ۽ ڪڏھن ڪڏھن غيرقانوني هوندو آهي. هو اهڙا عمل ڪندو آهي، جيڪي ٻين کي نه وڻن. هنن مريضن جو ڏوهاري رڪارڊ هوندو آهي. هو ٻين ماڻهن کي تنگ ڪندا آهن. انهن سان بدتميزي سان پيش ايندا آهن پر کين پنهنجي عمل تي ڪوبه پڇتاءُ نه ٿيندو آهي.

4.EUPD (Emotionally unstable personality disorder)

هن مونجهاري ۾ مريض ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪڏهن تمام گهڻي خوشي محسوس ڪندو آهي ته ڪڏهن بنھ گهٽ. هو هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪيترا دفعا ائين محسوس ڪندو آهي. ان سبب هن لاءِ مضبوط رشتا جوڙڻ محال ٿي پوندو آهي. سندس ذهن ۾ پاڻ کي تڪليف پهچائڻ ۽ آپگهات ڪرڻ جا خيال ايندا رهندا آهن.

5.IMP (Impulsive personality disorder)

هن مونجهاري ۾ مريض ماڻهن جو ڌيان چاهيندو آهي. ايتري حد تائين جو ان ڏس ۾ هو خطرناڪ حرڪتون پڻ ڪندو آهي ته جيئن ماڻهو ڏانهس توجهه ڏين.

6.HPD (Histrionic personality disorder)

هن مونجهاري ۾ مريض کي تمام گهڻي بيچيني ٿيندي آهي. جڏهن هو آفيس ۾ يا ڪنهن سماجي تقريب ۾ ان ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويندو آهي ته پوءِ هو ماڻهن جي توجهه پاڻ ڏانهن ڪرائڻ خاطر انهن جي بيڪار مشورن ۽ صلاحن تي به هائوڪار ڪندو آهي.

7.NPD (Narcissistic personality disorder)

هن مونجهاري ۾ مريض خودغرض هوندو آهي. پنهنجي ضرورت جي شين کي سڀ کان مٿانهون سمجهندو آهي. هن کي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته هن ۾ ڪي اهم خصوصيتون آهن، جيڪي ٻين ۾ ناهن، تنهنڪري اهو سندس حق آهي ته ٻيا سندس ضرورتن جو خيال رکن.

8.OCPD (Obsessive compulsive personality disorder)

هن مونجهاري ۾ مريض هر شيءَ کي ترتيب ۾ ڏسڻ چاهيندو آهي ۽ ٻين مان به اهائي اميد رکندو آهي ته اهي به ايئن ڪن. هو پنهنجي چوڌاري رهندڙ ماڻهن تي به ڪنٽرول ڪرڻ چاهيندو آهي. جڏهن هن جي خواهش موجب ترتيب ۽ ڪنٽرول ڪرڻ ۾ کانئس غلطيون ٿينديون آهن ته انهن جو الزام به هو ٻين تي ڏيندو آهي.

9.Avoidant/Anxious personality disorder.

هن مونجهاري ۾ مريض پنهنجي ڪم ڪار جي جڳھ ۽ سماجي تقريبن ۾ وڃڻ کان لنوائيندو آهي. کيس خوف هوندو آهي ته هن کي عزت ۽ اهميت نه ملندي. هن کي معمولي تصور ڪيو ويندو. اهڙو مريض نوان رشتا به جوڙڻ نه چاهيندو آهي ته متان رد نه ڪيو وڃان!

10.DPD (Dependant personality disorder)

هن مونجهاري ۾ مريض ٻين مٿان ڀاڙيندو آهي. ايتري قدر جو هو روزاني جا معاملا به ٻين تي ڇڏيندو آهي ته هو ان بابت فيصلا ڪن. هن ۾ خوداعتمادي جي شديد کوٽ هجڻ سبب هو ٻين اڳيان سڀ شيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. هو انهن جا غلط فيصلا به قبول ڪندو آهي ته متان هو کيس ڇڏي نه وڃن!

انهن کان علاوه Anxiety, Depression, Stress, phobias, maniac, schizophrenia ۽ ٻيا نفسياتي مونجهارا ۽ بيماريون موجود آهن.

اسان جو سماج مٿي ڄاڻايل نفسياتي مونجهارن جو شڪار آهي. ڪٿي ان جي شدت وڌيڪ آهي ته ڪٿي ٿوري گهٽ آهي. ملڪ ۾ مجموعي طور ٻه ڪروڙ، چاليهه لک ماڻهن کي سندن نفسياتي مونجهارن بابت مدد جي ضرورت آهي.

مختلف ادارن پاران ڪيل سروي مطابق ملڪ ۾ 22 سيڪڙي کان 60 سيڪڙو ماڻهو ڊپريشن جا مريض آهن. رڳو ڪراچي ۾ اهو تعداد 47 سيڪڙو آھي. ملڪ ۾ 75 سيڪڙو نوجوان ذهني دٻاءَ، ڳڻتي ۽ خوف مان گذري رهيا آهن، جن مان 42 سيڪڙو يونيورسٽين جا شاگرد آهن. اسان جا اهي ذهني مونجهارا حاڪم قوتن جي حاڪميت لاءِ فائديمند آهن، ڇو ته ذهني مونجهارن ۾ ورتل مخلوق صحيح فيصلو ڪري نه سگهندي آهي.

ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن؟

حڪومت کي ان بابت اپاءَ وٺڻ جي ضرورت ناهي، نه ئي انهن مونجهارن ۾ ورتل ماڻهو پنهنجو درد ٻئي کي ٻڌائي ٿو، ڇو ته ان کي چريو سمجهيو ويندو ۽ ماڻهو ان کي ڌڪاريندا. اهڙي مونجھ ۾ مبتلا مريضن کي ساٿ جي سخت ضرورت ھوندي آھي. انهن سان ڪچهريون ٿيڻ گهرجن. انهن جي عزت ۽ احترام ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن جي وڃايل خوداعتمادي بحال ٿئي. هو پنهنجن جذبن تي ڪنٽرول ڪرڻ سکن. هاڪاري رشتا جوڙڻ لائق بڻجن. انهن جي صلاحيتن کي اڀارڻ ۾ انهن کي همٿائجي ته جيئن هو پاڻڀرا ٿين ۽ پنهنجي صلاحيتن جو هاڪاري استعمال ڪري سماج لاءِ ڪارائتا ٿين.

سماج جي آئنده بهترين جوڙجڪ لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجن ٻارن جي عزت ۽ احترام ڪريون. انهن سان دوستن جهڙو ورتاءُ ڪريون. انهن منجهه هاڪاري  جذبن کي اڀاريون ته جيئن انهن ۾ خوداعتمادي پيدا ٿئي. انهن جي تعليم ۽ تربيت ۾ سوالن جوابن ۽ شين جي ماهيت تي تنقيدي ۽ تعميري گفتگو ڪريون. ٻارن جي ذهني ۽ جسماني نشونما ۽ صحت لاءِ اپاءَ وٺون. فرسوده خيالن کان پاسيرو رکي کين حاضر دور ۽ ايندڙ وقت لاءِ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين واري صنفي فرق کي ختم ڪري ٻنهي سان سهڻو ورتاءُ ڪريون، تڏھن وڃي اسان هڪ صحتمند معاشري کي جنم ڏيئي سگهنداسين، نه ته اهو ڪم ايئن ئي هلندو، جيئن صدين کان هلي پيو. پاڻ پير پساري ويٺاسين ته اڳتي به ايئن هلندو ۽ اهو Vicious Cycle  (شيطاني دائرو/چڪر) ڪونه ٽُٽندو.