ملڪ ڏيوالپڻي کان بچي يا نه، پر ناعاقبت انديش، جَڙ ۽ تدبر کان خالي حڪمرانن عوام جو ته ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. پيٽرول، گئس ۽ بجليءَ جي اگهن ۾ لڳاتار ۽ ظالماڻي واڌ ڪري عوام جي وات تان گرهه کسي ورتو آهي. عوام کي اهڙي هنڌ آڻي بيهاريو ويو آهي، جن حالتن لاءِ ڀٽائي سرڪار “جاڙ جيئڻ” جو اصطلاح استعمال ڪيو آهي، “اهو ناهي مرڻ، ٻيو ڇا هي ڙِي”. حڪمرانن عوام جي هيءَ حالت ڪئي آهي جو جيئڻ ۽ مرڻ ۾ سَنڌو رهيو ئي ناهي. ان کان به اڳتي زندگيءَ جي اذيت موت کان سرس ۽ سوائي ٿي وئي آهي. ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، پر ان سان حڪمرانن جو ڇا ته ماڻهو جيئن ٿا يا مرن ٿا؟ انهن کي به بس عالمي استحصالي ايجنڊا جي تڪميل ڪندڙ مالياتي اداري جي فرمائشن جي تڪميل ڪرڻي آهي ته جيئن ڪشڪول ۾ ڪجهه نه ڪجهه پوندو رهي. اهي “ملڪ خاطر ڏکين فيصلن” جي نالي ۾ عوام جو ساهه نپوڙي رهيا آهن. پيٽرول جي في ليٽر اگهه ۾ 26 رپين جو وڏو اضافو مسڪينان مار سرگرمي آهي. حڪمرانن کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته عوام خوشحال هوندو ته ملڪ به خوشحال هوندو. عوام کي ماري ملڪ کي خوشحال نٿو بڻائي سگهجي. عوام سان ئي ملڪ جو وجود آهي.
اهي ملڪ ڪڏهن به هلي ناهن سگهندا، جن جي معيشت/مالي انتظام ڪشڪول تي آڌاريل هجي. ملڪ جٽادار معاشي پاليسيون جوڙڻ سان هلندا آهن، پر هتي هن ملڪ جي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين رڳو تجربا ڪيا ويا آهن. هر هڪ حڪمران پاڻ کي صرف اقتداري مدي لاءِ ذميوار سمجهيو آهي ۽ ڊگهي مدي وارا منصوبا به نه جوڙيا ويا آهن. معاشي منصوبا سازي ۽ پاليسي سازي ڪهڙي بلا جو نالو آهي، اها هن ملڪ جي مالي مئنيجرن مان ڪنهن کي به خبر ناهي. ها البته ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ عظيم معاشي ماهر ڊاڪٽر محبوب الحق ٿي گذريو آهي، جنهن جي صلاحيتن جي سڄي دنيا معترف آهي. هن وقت جيڪو ڪجهه ٿئي پيو، اهو سڀ عارضي انتظام آهي. ڪشڪول جي معيشت جي ناڪامي کانپوءِ هاڻي وري ڏنڊي جي طاقت تي آڌاريل معيشت جي شروعات ڪئي وئي آهي. مڃيون ٿا ته طاقت جي زور تي ڊالر جي قيمت ۾ مصنوعي واڌ رڪجي ويندي پر ادائگين جي توازن جي مسلسل ٽنگيل تلوار سان وڌندڙ ڊالر جي قيمت ۾ اصل اضافو ڪڏهن به روڪي نه سگهبو. آءِ ايم ايف جو پئڪيج عارضي صحتيابيءَ جو سرٽيفڪيٽ آهي، نه ته حقيقت ۾ ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي. معاشي مرض مان ڇوٽڪاري لاءِ عارضي مرمتي اپائن بدران “اوورهالنگ” جي ضرورت آهي. سياست کي ناڪيلي وجهي مرضيءَ سان هلائڻ بدران ان کي پنهنجي رستي هلڻ جي آزادي ڏيڻي پوندي، جمهوريت کي سگهارو ڪرڻو پوندو ۽ طاقتور سياسي حڪومتن جا فيصلا مڃڻا پوندا. هر ڀيري انجنيئرڊ اليڪشن هن ساڻيهه جو سر کڻندي. ماڻهن جي ڪاوڙ جو جوالا مکي ڦاٽو ته ويتر آڙيڪاپ مداري ۽ انهن جي ڊگڊگي تي نچندڙ سندن نامنهاد جمهوري جمهورن کي لڪڻ جي به جاءِ نه ملندي، ڇو ته هاڻي ماڻهن جو صبر جواب ڏيئي چڪو آهي.
حڪمرانن هن ملڪ جي ماڻهن جي مرضي ۽ ترقي ڄڻ ته آءِ ايم ايف وٽ “گروي” رکي ڇڏي آهي. آخر هن ملڪ جي عوام سان هي ڇا پيو ٿئي؟ عوام جو ڪنهن کي به لاچار ڪونهي، نه نگران کي ۽ نه ئي ان کان اڳ وارين چونڊيل حڪومتن کي. هاڻي اصل مالڪن کي رياستي ملڪيت واري مائينڊ سيٽ تان هٿ کڻڻو پوندو. توڻي جو اها مُني صديءَ جي هيرَ پيل آهي، پر ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهي. ڏنڊي جي طاقت عارضي علاج آهي ۽ معيشت ان طاقت سان نه سڌرندي. ڏنڊي جي طاقت سان معيشت سڌري ها ته سوويت يونين جا ٽڪرا نه ٿين ها. وسيلن سان مالا مال ملڪ کي حڪمرانن پنهنجي نادانين سان هن حالت تي پهچايو آهي، ان ڪري ڪجهه سمجهه کان ڪم وٺڻ گهرجي. تاريخ مان سکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ اهو سمجهڻ جي ضرورت آهي ته هي ملڪ ڪنهن ٻئي وڏي سانحي جو متحمل ٿي نٿو سگهي.