دنيا ۾ اهي گهراڻا، ڪٽنب ۽ خاندان ڪيڏا نه خوشنصيب، قابل فخر ۽ مثالي آهن، جن پنهنجيون پوريون زندگيون عوام جي زندگي ۾ حقيقي انقلاب آڻڻ لاءِ قربان ڪري ڇڏيون. پوريون زندگيون عوام ۾ سڄاڳي ۽ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون. ڪٽنبن جا ڪٽنب عوامي جدوجهد جي ميدان تي عمل پيرا رهيا. انهن نجي ۽ ذاتي خوشين کي عوام جي وسيع تر مفادن وٽان قربان ڪري ڇڏيو. انهن جي زندگي جي سڀ کان وڏي خوشي ۽ ڪاميابي پنهنجي پيڙيل طبقي جي آواز کي سگهارو ڪرڻ ۾ گذري وئي سنڌ جي تاريخ ۾ به اسان کي اهڙا ڪيترا گهراڻا ملن ٿا، جن پنهنجي سڄي حياتي عوام جي زندگي ۾ انقلابي تبديلي ۽ جدوجهد لاءِ وقف ڪري ڇڏي. انهن گهرن ۽ خاندان مان هڪ عظيم ۽ مثالي خاندان رسول بخش پليجي صاحب جو آهي، جنهن لاءِ سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز لکيو ته، “هن (رسول بخش پليجي) پنهنجي سڄي خاندان جو سنڌ لاءِ بک ڏنو آهي، جنهن جو مثال سنڌ ته ٺهيو پر برصغير ۾ ورلي آهي”. پليجي صاحب پنهنجي پيڙيل قوم ۽ طبقي لاءِ نه صرف پاڻ زندگي جي آخري گهڙين تائين ميدان عمل ۾ رهيو، پر ساڳئي وقت سندس گهر جا اڪثر ڀاتي پهرين ڏينهن کان وٺي ان ئي رستي ۽ راهه تي هلندا رهيا ۽ هلي رهيا آهن، جن ۾ هڪڙي اسان جي قابل فخر جيجي ۽ ادي حورالنساءَ پليجو صاحبه هئي.
ادي حور جنهن پنهنجي زندگي جا تقريبن چهه ڏاهاڪا عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي جهنڊي هيٺ ڪروڙين سنڌي عوام جي زندگي ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ لاءِ قربان ڪري ڇڏيا. هُو سنڌياڻي تحريڪ جي باني ميمبر ۽ عهديدار هئي. هن صرف سنڌ جي ٻاڙي ٻاڙي لتاڙي، پر راتين جون راتيون، ڏينهن جا ڏينهن گذاريا. عوام جي غربت، بي وسي، لاچاري ۽ پريشانين کي پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ ان کي محسوس ڪيو،، تنهن ڪري ادي حُور انهن جي تڪليفن ۽ دردن کي پنهنجو درد ۽ تڪليف سمجهيو. انهن جي خوشين کي پنهنجي خوشي سمجهيو. انهن جي حاصلات کي پنهنجي حاصلات سمجهيو. ادي حُور انهن نياڻين، ڀائرن، پٽن، ماين لاءِ ميدان ۾ هئي، جن جي آواز کي پوري حڪمت عملي سان دٻايو ويو هو ۽ اڃا تائين اهو دٻايو پيو وڃي. جيڪي بظاهر نڌڻڪا آهن، جيڪي گهڻائي ۾ هوندي به گهاڻي ۾ زندگي گهاري رهيا آهن. جيڪي دنيا جي نظر ۾ ميرا ۽ گدلا آهن، جيڪي اميرن جي نظر ۾ غريب ۽ سادا آهن. ادي جي اکين ۾ ڳوڙها ۽ لڙڪ پنهنجيون خوشيون ۽ حسرتون ماڻڻ تي افسوس ڪرڻ لاءِ نه پر پنهنجي پورهيت طبقي جي ڏکن کي ڏسڻ ۽ انهن جي تڪليف کي محسوس ڪرڻ جا هئا. ڪنهن شاعر چيو آهي ته،
”جن پي آنسو بهاني ڪو ڪوئي نه ٿا،
اپني آنکهه ان ڪي غم مين برستي رهي!“
ادي حُور سان ميٽنگ ۾ ملاقات ٿئي يا ڪنهن ريلي، جلسي، ورڪشاپ يا مظاهري ۾ سدائين هڪڙي ٻاجهاري ۽ انقلاني ماءُ جي مٺاس، پنهنجائپ ۽ خوشي محسوس ٿيندي هئي. منهنجو مضمون وغيره پڙهي ان تي پوري تفصيل سان تبصرو ڪندي هئي. جڏهن ته ادي پاڻ هڪ سٺي ليکڪه هئي. سندس لکڻ جو انداز به تمام گهڻو وڻندڙ ۽ موهيندڙ هوندو هو. پليجي صاحب سان کوڙ سارا تاريخي ۽ يادگار سفر ڪياسين، جن ۾ هڪ ٻن ۾ ادي حُور به اسان سان گڏ هئي. ادي حُور جو پليجي صاحب سان تعلق صرف هڪ ڀاءُ وارو نه پر جيئن هڪ انقلابي جو پنهنجي ليڊر سان عشق وارو تعلق ٿيندو آهي، ائين مون ادي حُور جو تعلق پليجي صاحب سان ڏٺو. پر ساڳئي وقت سنڌ ۾ اسان جيڪا سجاڳي ڏسون ٿا. سنڌ ۽ سنڌي عوام ۾ جيڪا مثالي جدجهد ڏسون ٿا، سنڌ جي ماڻهن ۾ زبردست قسم جو سياسي شعور ۽ سمجهه ڏسون ٿا. سنڌ ۾ ٿيندڙ انقلابي جدوجهد جا نوان طريقا، گس ۽ پنڌ ڏسون ٿا. سنڌ ۾ مائرن، ڀينرن ۽ نياڻين کي نج عوامي جدوجهد جي ميدان ۾ قيادت ڪندي ڏسون ٿا، انهن جا حوصلا ڏسون ٿا، انهن جي دليري ۽ جرئت ڏسون ٿا، انهن جي مزاحمت ڏسون ٿا، انهن جو اکين ۾ اکيون وجهي للڪارڻ ڏسون ٿا، پدرشاهي جي نام نهاد مقدس پهاڙن کي ڏارڻ ڏسون ٿا، سرڪار جي سگهه کي سڪل پنن جيان لتاڙيندي ڏسون ٿا، تڏهن ڪيترن نامعلوم هيرن ۽ ڪردارن سان گڏ ادي حُور جي هر ادا ۽ جهلڪ انهن ۾ نظر اچي ٿي ۽ ايندي رهندي. هي جيڪي اسان ڳاڙها انقلابي ‘گل’ ڏسون ٿا ۽ انهن جي رنگت کي ڏسون ٿا. اهي ڪي ائين پاڻمرادو پيدا نه ٿيا آهن. اهي ڪي صرف پاڻي جي ڦڙي سان ايڏا حسين نه بڻيا آهن، انهن ۾ جيڪا خوشبو آهي، سرهاڻ آهي، هڳاءُ آهي، اها عظيم آدرش رکندڙ انهن عظيم انسان جي آهي، جن انهن جي آبياري پنهنجي رتُ جي ريج سان ڪئي ۽ اهي تڏهن ئي ته پنهنجي پوري جوهر سان جلوا بخشي رهيا آهن. انهن عظيم هيروز ۾ ادي حُور سان گڏ ٻيا به ڪيترا نامعلوم هيروز شامل آهن، تنهن لاءِ ڪنهن شاعر چيو آهي ته،
“جن لوگون ني خون دي ڪر پهولون ڪو رنگت بخشي هي،
دو چار سي دنيا واقف هي، گمنام نه جاني ڪتني هين”.