راولپنڊي (م ڊ) اڳوڻي وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد کي گرفتار ڪيو ويو آهي. شيخ رشيد جي وڪيل عبدالرزاق سندس گرفتاري جي تصديق ڪري ڏي شيخ رشيد کي نجي هائوسنگ سوسا/ٽي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. شيخ رشيد نجي سوسائٽي ۾ پنهنجي گھر ۾ هو جتان کيس گرفتار ڪيو ويو. وڪيل عبدالرزاق موجب شيخ رشيد سان گڏ سندس ٻن ڀائٽن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. شيخ رشيد کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. ڪوهسار ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ شيخ رشيد کي گرفتار ڪيو ويو آهي، خبر ناهي کيس ڪٿي رکيو ويو آهي. جتان کيس گرفتار ڪيو ويو آهي اهو گھر شيخ رشيد جو ڪرائي تي ورتل هو.