سکر: عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا اڳواڻ پنجين ڏينهن به ساجد حسين مهيسر، سرواڻ جتوئي، حنا بلوچ ، ڊاڪٽر فدا ڀريجو، عبدالسلام سومرو، حميد انقلابي، سنڌياڻي بلوچ، مريم بروهي، شمائلا مشوري، نادرا ميراڻي، شاهد حسين سولنگي، محمد هارون ڪلهوڙو، فهيم سومرو، مجاهد شر جي اڳواڻي ۾ ڌرڻي ۾ پهتا، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جا اڳواڻ روزانو ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ شريڪ ٿي ٿا، ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي دفن ڪرڻ تائين پرامن جمهوري جدوجهد جاري رهندي، هنن چيو ته ڇهه نوان ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي وجود تي وار آهن، خواجا سعد رفيق گريٽر ٿل ڪئنال جي ڳالهه ڪري گريٽر پنجاب جي فاشسٽ آئيڊيالاجي تي عمل ڪري رهيو آهي، اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت پنجاب جي ڌر آهي، وفاقي سرڪار سنڌي قوم جي مجرم آهي، ڏوهاري آهي، انڪري سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار جي معاملي تي بين الاقوامي اڻ ڌري ڪميشن جڙڻ گهرجي.