حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنڌو درياهه تي 6 نون ڪينالن جي اڏاوت، ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ۽ ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن خلاف 18 جنوري 2025ع تي اسلام آباد ۾ ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪانفرسن ۾ ملڪ جي اديبن، شاعرن، دانشورن، پاڻي ماهرن، وڪيلن، صحافين، شاگردن، هاري ۽ مزدور اڳواڻن سميت سول سوسائٽي جي نمائندن کي دعوتون ڏنيون وينديون. عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪائونسل جو هڪ اجلاس پليجي هائوس قاسم آباد ۾ ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪري اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته حڪمران ڪينالن جي مخالفت ۾ ڪوڙا بيان ڏئي رهيا آهن. صدر زرداري سنڌي عوام کي بيوقوف بنائڻ بند ڪري. هن ئي سنڌو درياهه مان 6 ڪينالن جي ڪم کي تيز ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. هن چيو ته صدارتي هائوس سنڌ خلاف سازشن جو محور بنيل آهي. سنڌي ماڻهو پيپلزپارٽي جي حڪومت هوندي به سک جو ساهه نٿا کڻن. سنڌ جي پاڻي، زمينن ۽ وسيلن جو تحفظ پيپلزپارٽي نه پر سنڌ جو عوام ڪندو. اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، نور احمد ڪاتيار، لال جروار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.