حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت ۾ پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ عالمي، ملڪي ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪري اهم فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ٻٻرلي ڌرڻي جي ميزباني ڪندڙ مقامي ماڻهن ۽ ميڊيڪل ڪئمپ هڻندڙ ڊاڪٽرن تي سنڌ حڪومت طرفان ڪيس داخل ڪرڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته سي سي آئي جو ادارو پنجاب صوبي جي مڪمل طور تي ڌر بڻيل آهي. سي سي آئي جي اداري کي رد ڪريون ٿا. جيستائين سي سي آئي جي اداري جي جوڙ جڪ صوبن جي رضامندي سان برابري جي بنياد تي نٿي ڪئي وڃي تيستائين سي سي آئي جو ڪو به فيصلو سنڌ جو عوام قبول نه ڪندو. سي سي آئي جي اداري سنڌ جي عوام سان دوکو ڪندي ڪئنالن کي مڪمل رد نه ڪيو، مراد علي شاهه ۽ شهباز شريف سنڌ جي عوام سان فراڊ ڪيو آهي. جيستائين ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ وارا منصوبا رد نٿا ڪيا وڃن تيستائين سنڌ جي عوام جي جدوجهد جاري رهندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن ۽ سنڌ جي معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف 17 مئي 2025 تي ڪراچي ۾ ڪانفرنس ڪئي ويندي. ڪانفرس ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي چئني صوبن ۽ سرائيڪي وسيب جي مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، پاڻي ماهرن، اديبن، دانشورن ، شاعرن، صحافين، وڪيلن، استادن، شاگردن، هارين، آبادگارن ۽ مزدور اڳواڻن کي دعوتون ڏنيون وينديون ۽ ڪانفرس ۾ گڏيل لائحه عمل جوڙيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن ۽ معدني وسيلن جي ڦرلٽ خلاف 8 مئي تي تلھار، 9 مئي تي ٻهارا، 11 مئي تي مورو ۽ 18 مئي تي ڪنڊيارو ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون مختلف شهرن ۾ اناونسمنٽ ڪنديون. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته پنجاب جا حڪمران سنڌ کي پنهنجو فتح ڪيل علائقو سمجهن ٿا. مراد علي شاهه ڪارپوريٽ فارمنگ کي سنڌ جي ڏنل 52 هزار کان وڌيڪ زمين واپس وٺڻ وارو نوٽيفڪيشن نه ڪڍيو آهي مٿان وري مٽياري ۽ ڄامشوري ٻيلي کاتي جي هڪ لک 8 ايڪڙ زمين پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪراچي جي ڪي پي ٽي جي لکين ايڪڙ زمين نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي زمينن تي قبضن وارا فصيلا سراسر سنڌ دشمن ۽ ملڪي سالميت خلاف آهن. هن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن کي سنڌي ماڻهن سان ڪوبه واسطو نه آهي. سنڌ جا حڪمران ڪرسي جا پوڃاري آهن.