سکر (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو هنگامي اجلاس ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي پاڻيءَ تي قبضي خلاف 22 ڊسمبر تي سکر ۾ ريلي جو اعلان ڪيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي وسند ٿري چيو ته پ پ سڀ ٺيڪ آهي جو بيانيو گهڙي، سنڌي عوام جو احتجاج روڪڻ چاهي ٿي، سنڌ جو عوام پ پ جي مڪر کي ناڪام بڻائي احتجاجي جدوجهد کي وسيع ڪندو، هن چيو ته پ پ جو مڪر عوام اڳيان پڌرو ٿي پيو آهي، پ پ سان تعلق رکندڙ بلوچستان جو وڏو وزير ڪڇي ڪئنال جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ ٿيو، پ پ اڳواڻ واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته چولستان جي زمينن تي قبضن خلاف پنجاب جي هارين جي هلندڙ جدوجهد جي حمايت ڪريون ٿا، اجلاس ۾ نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ستار رند، لال جروار، عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، اظهار دائودپوٽو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.