حيدرآباد(بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس هتي عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي جي گهر پليجو هائوس قاسم آباد حيدر آباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ مرڪزي قيادت ۽ سڄي سنڌ مان مرڪزي ڪائونسل جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي سنڌ ۾ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف هلندڙ جدوجهد جي حوالي سان غور ويچار ڪري اهم فيصلا ڪيا ويا. ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف گذريل ٽن ڏينهن کان ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيلن جي هنيل ڌرڻي ۾ مون سميت عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي قيادت ۽ ڪارڪنن مسلسل شامل رهياسين. اڄ به عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن ۽ پارٽي ڪارڪنن سان گڏ ڌرڻي ۾ شامل آهي. اڄ صبح جو وڪيلن جي ڌرڻي تي فائرنگ ڪئي ويئي آهي. ان سنڌ، ملڪ، آئين، قانون ۽ جمهوريت دشمن عمل جي جيڪا به مذمت ڪئي وڃي سا گهٽ آهي. هن ڌرڻي ۾ وڪيلن سان گڏ معصوم ٻار، نياڻيون، عورتون، هاري، مزدور، مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا ڪارڪن، اديب، دانشور، شاعر، صحافي، استاد، شاگرد، واپاري، آبادگار شامل آهن. ڪنهن وٽ به ڪو هٿيار نه آهي. احتجاجي ڌرڻي ۾ شامل سمورا ماڻهو پُرامن آهن. اسان سمجهون ٿا سنڌ حڪومت، وفاق ۽ پنجاب جا حڪمران هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جي ماڻهن جي پُرامن جمهوري جدوجهد کي دٻائڻ، مختلف طريقا استعمال ڪري ثبوتاز ڪرڻ ۽ پُرتشدد بڻائڻ چاهين ٿا. سنڌ حڪومت سنڌ جي هر شهري کي جاني ۽ مالي تحفظ ڏيڻ جي ذميوار آهي. سنڌ حڪومت کي خبر آهي ته سنڌ جي ماڻهن جو پُرامن ڌرڻو لڳل آهي ان جي باوجود سنڌ حڪومت هٿ وٺي ڄاڻي ٻجهي ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن جي سيڪيورٽي جو ڪوبه گهربل بندوبست نه ڪيو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ٻٻرلوءِ بائي پاس تي وڪيلن جي ڌرڻي ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جون ڀينرون روزاني جي بنيادن تي ڀرپور شرڪت ڪنديون.