حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي اڳواڻن لال جروار، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مھيسر، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ اقبال جروار پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ سرڪار روزانو ميڊيا تي بريفنگ ڏيندي ٻوڏ متاثرن کي راشن ۽ کربين رپيا ڏيڻ جون ڳالهيون ته ڪري ٿي پر زميني حقيقتون ابتڙ آهن، ڇاڪاڻ ته اڃا تائين لکين متاثر بي يارو مددگار بڻيل آهن جن کي راشن توڙي ٽينٽ به فراهم ناهن ڪيا ويا. هنن چيو ته سرڪار رڳو ڪاغذي ڪارروائي ۾ ٻوڏ متاثرن جي مالي سهائتا لاءِ کربين رپيا خرچ ڄاڻائي ڇڏيا آهن پر کين رپئي رپئي جو حساب ڏيڻو پوندو. هنن چيو ته  جيڪڏهن متاثرين جي سهائتا نه ٿي ته هو احتجاجي تحريڪ جو سڏ ڏيندا.