حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ ميرپور خاص ضلعي جي زمين خانگي ڪمپني حوالي ڪرڻ وارو وفاقي ڪابينا جو فيصلو غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته وفاق توڙي سنڌ سرڪار کي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ جو ڪو به اختيار ناهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ لال جروار، نور احمد ڪاتيار، ڪاشف ملاح، ايڊووڪيٽ آصف کوسو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي زمينن جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ نيلامي کي سنڌ جو عوام هرگز برداشت نه ڪندو. وفاقي ڪابينا جي غير قانوني ۽ غير آئيني فيصلي خلاف عوامي تحريڪ طرفان ميرپورخاص ضلعي ۾ مارچ ڪيو ويندو. اڳواڻن چيو ته سنڌ اسيمبلي پاران وفاق کي صوبي ۾ سرمائيڪاري جي واڌ ويجهه لاءِ قانونسازي ۽ ايگزيڪيٽو اٿارٽي جا اختيار ڏيڻ واري قرارداد جو جواز ڄاڻائي وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي زمينن جي نيلامي شروع ڪري ڇڏي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين طرفان پاس ڪيل مذڪوره قراردادون پاڪستان جي بنياد يعني 1940ع جي قرارداد جي خلاف ورزي آهن. سنڌ اسيمبليءَ توڙي وفاقي اسيمبليءَ کي 1940ع جي قرارداد رد ڪرڻ جو مينڊيٽ ئي ناهي ان لاءِ ملڪ بچائڻ لاءِ قائداعظم محمد علي جناح جي اصولن تحت کيس آزاد ۽ خودمختيار رياستن واري وفاقيت ڪري هلائڻو پوندو. 12 فيبروري تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.