حيدرآباد(بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار جي قيادت ۾ پارٽي جي مرڪزي وفد جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻ سرواڻ جتوئي ۽ ملڪ رياض شامل هئا، چولستان جي کٽهڙي ۽ سوريان ٽوڀا جو دورو ڪيو. دوري دوران روهي جي مقامي ماڻهن دلبر مهر، محمد خالد، محمد عثمان، اويس، علي حسن عبدالنغي، حاجي حبيب، حاجي دين محمدڳالھائيندي چيو ته اسين ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ غير قانوني سنڌو ڌريا مان ڪينال ڪڍڻ ۽ غير ملڪي ڪمپنين کي چولستان جي زمين ڏيڻ خلاف آھيون. هنن چيو ته اسان جي آس پاس چولستان جي زمينن تي قبضو ڪيو ويو آهي، اسان جا رستا بند آهن، هنن چيو ته اسان پنھنجون زمينون چراگاهه ۽ پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ نه ڏينداسين. عوامي تحريڪ جي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار روهي جي مقامي ماڻھن سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب جا حڪمران سنڌ ۽ سرائيڪي وسيب کي پنهنجو فتح ڪيل علائقو سمجهن ٿا. چولستان جي 70 لک ايڪڙ زمين عرب ملڪن ۽ ٻين ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏني پئي وڃي. جئين راوي، ستلج، بياس دريا هندوستان کي وڪرو ڪيا ويا ائين هاڻي حڪمران سنڌ، سرائيڪي وسيب ۽ بلوچستان جي لکين ايڪڙ زمين پئسن عيوض ڪارپوريٽ فارمنگ ڪندڙ ڪمپنين کي وڪرو ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي چولستان جي مقام ماڻهن، عوامي تحريڪ، پاڪستان سرائيڪي پارٽي ۽ سرائيڪستان قومي اتحاد جي اڳواڻن گڏ فيصلو ڪيو ته چولستان جي علائقي سوريهان ۾ روهي چولستان بچايو ڪانفرنس ڪئي ويندي.