حيدرآباد(بيورو رپورٽ) پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري شبير خان ترين، ماليات سيڪريٽري نظام خان ڪاڪڙ، ڊپٽي سيڪريٽري جعفر شاھه ۽ سيد جاويد آغا حيدرآباد ۾ پليجو ھائوس قاسم آباد پھچي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، سينيئر اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، نور نبي پليجو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڄام تماچي سمون، ايڊووڪيٽ ابرار ابڙو، ايڊوڪيٽ اشوڪ ڪمار، يعقوب کوسو، ايڊووڪيٽ اياز صالح پليجو، حميد انقلابي تنيو، فاضل کوسي سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال ۽ ملڪ ۾ شامل مظلوم قومن کي درپيش مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ملاقات ۾ اڳواڻن چيو ته ملڪ جي مظلوم قومن جو گڏيل اتحاد انتهائي ضروري آهي، پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي جي اڳواڻن شير خان تري ۽ نظام خان ڪاڪڙ چيو ته حڪمرانن هٿ وٺي بلوچستان جي صورتحال خراب ڪئي آهي، اليڪشن چوري ڪري اسٽيبلشمينٽ پنهنجا منظور نظر حڪمران اقتدار تي ويهاريا آهن، اڳواڻن چيو ته بلوچستان اسيمبلي جو پاس ڪيل منرل ۽ مائينز وارو بل ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جهڙا منصوبا قابل قبول نه آهن، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ سينئير اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته پنجاب جا حڪمران ملڪ ۾ شامل صوبائي ايڪائن کي پنهنجا فتح ڪيل علائقا سمجهن ٿا. سنڌ ۾ ماڻهن وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي، ڏڪار واري صورتحال آهي ۽ پنجاب جا حڪمران سنڌو درياهه جو پاڻي چوري ڪري پنهنجا ڪئنالز واهي رهيا آهن. اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالز، ايس آءِ ايف سي، انويسٽمينٽ بورڊ ايڪٽ 2023ع، گرين انيشيئيٽو پاڪستان، گرين ٽوئرزم وارا منصوبا ملڪ ۾ شامل سمورين مظلوم قومن لاءِ قاتل زھر آهن، سنڌي، پشتون، سرائيڪي، بلوچ قومن جي قاتل منصوبن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته ملڪ جي مظلوم قومن جو گڏيل اتحاد انتهائي ضروري آهي. عوامي تحريڪ جي قيادت ملڪ ۾ مظلوم قومن جي اتحاد لاءِ ڪافي عرصي کان رابطا ڪري رهي آهي، پشتونخوا نيشنل عوامي پارٽي ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن طئي ڪيو ته گڏيل طور تي رابطن جي سلسلي کي تيز ڪيو ويندو.