سکر (بيورو رپورٽ) سکر عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ نور احمد ڪاتيار، رزاق چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌي قوم پنھنجي ڌرتي ۽ درياهه جي حفاظت لاءِ پر امن جمهوري جدوجهد ڪري رهي آهي، هنن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبي کي دفن ڪرڻ تائين سنڌي سک سان نه ويهندا، هنن چيو ته ڇهه نوان ڪئنال ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين لاءِ ٺاهيا پيا وڃن، ان ڪري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جو مسئلو الڳ ناهي، ڪئنالن سان گڏ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن کي به دفن ڪرڻو پوندو.