اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه آئيني بينچ جي مدي ۾ واڌ جي مخالفت ڪري ڇڏي، جسٽس منصور علي شاهه جوڊيشل ڪميشن جي ميمبرز کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته 26هين آئيني ترميم جي ڪيس ۾ فيصلي تائين آئيني بينچ جي مدي ۾ واڌ نه ڪئي وڃي، واڌ سان بحران وڌي ويندو، اهو تڪرار اداري جي ساک ۽ عوامي اعتبار تباهه تباهه ڪري رهيو آهي، سمورن ججز کي آئيني بينچ ڊڪليئر  ڪيو وڃي. آئيني بئنچ ۾ شموليت جو معيار ۽ طريقيڪار به واضح ڪيو وڃي. جسٽس منصور طرفان اِهو خط 19 جون جي اجلاس کان اڳ لکيو ويو هو، جنهن ۾ هن آئيني بينچ ۾ واڌ جي مخالفت ڪئي هئي. هن لکيو ته مون اڳواٽ اطلاع ڏنو هو ته 19 جون واري اجلاس لاءِ پاڪستان ۾ موجود نه هوندس، اميد هئي ته منهنجي غير موجودگي سبب اجلاس ملتوي ڪيو ويندو، جيئن اڳ به ايگزيڪٽيو ميمبرن جي غير موجودگي تي اجلاس ملتوي ٿيندو رهيو آهي، عدليه جا ميمبر اقليت ۾ آهن، تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته اجلاس ملتوي نه ٿي سگهيو.