بنگلاديش ۾ عوامي احتجاج جي سَٽ نه سهندي وزير اعظم حسينا واجد ڀارت اُڏامي وئي آهي ۽ هُن پنهنجي عهدي تان پڻ استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. وڌندڙ عوامي احتجاج ۽ کانئس استعيفا جي مطالبي کان پوءِ اُتي جي فوجي سربراهه کانئس استعيفا وٺي کيس محفوظ رستو ڏنو. بنگلاديشي آرمي چيف عبوري حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ احتجاج ڪندڙن کي به اهو چيو آهي ته، اهي واپس پنهنجي گهر هليا وڃن. اوائلي احتجاج کانپوءِ آيل ماٺار بعد وري گذريل آچر ڏينهن ڀڙڪي اُٿيل احتجاج، ڪُجهه شهرن ۾ ڪرفيو لاڳو ٿيڻ ۽ احتجاج ڪندڙن تي رياستي تشدد ۽ ان تشدد ۾ مجموعي طور تي 300 جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي مارجي وڃڻ کان پوءِ وزير اعظم حسينا واجد کان استعيفا جي مطالبي ۾ تيزي آئي هئي. ابتدائي احتجاج ته “اسٽوڊنٽس اگينسٽ ڊسڪرمينيشن” تنظيم شروع ڪيو هو پر پوءِ ان ۾ بنگلاديش جي مخالف ڌُر، جماعت اسلامي ۽ ٻيون ڌُريون به شامل ٿي ويون. ان احتجاج کي رٽائرڊ سپهه سالارن جي پڻ حمايت حاصل رهي. 9 مطالبن سان شروع ٿيل بنگلاديشي شاگردن جو احتجاج آخر ۾ صرف هڪ مطالبي تي وڃي ڄمي بيٺو هو ۽ اهو مطالبو هو، شيخ حسينا واجد جي استعيفا. ان احتجاج جي حوالي سان هڪ حقيقت اها پڻ آهي ته، بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي تي پابنديءَ کان پوءِ ان جي ذيلي شاگرد تنظيم بنگلاديش اسلامي ڇاترشبر ۽ ٻين مخالف ڌُر جي تنظيمن بنگلاديش جي احتجاج کي هاءِ جيڪ ڪري ورتو. حسينا واجد توڙي جو، خبرن موجب، آخر ۾ احتجاج ڪندڙن جا مطالبا مڃي ورتا هئا پر فوج ان کي زوريءَ اقتدار کان ڌار ڪري کانئس استعيفا ورتي.
دُنيا جي حُڪمرانن جي اها خام خيالي رهندي آئي آهي ته، اهي رياستي طاقت جي زور تي عوام جي مرضيءَ سان فتح ڪري سگهن ٿا پر کانئن شايد اها ڳالهه وسري وئي آهي ته، آخري فتح وري به عوام جي ئي ٿيندي آهي. حڪمران اهو به وساري ويهندا آهن ته، جڏهن ماڻهو خوف کي فتح ڪري وٺندا آهن ته انهن کي گهڻو وقت مطيع بنائي نه سگهبو آهي ۽ تاريخ جو اهو ئي سبق آهي پر اختيار ۽ اقتدار جي گهمنڊ ۾ ڪو به تاريخ مان سبق سکڻ جي ڪوشش نٿو ڪري. شاگرد سماج جو باشعور پرت آهي ۽ جڏهن اهو اُٿي کڙو ٿيندو آهي ته ان جي اڳيان رياستي جبر جا پهاڙ پُرزا ٿي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو سماج کي “ڊي پوليٽيسائيز” ڪرڻ واريون آمراڻيون ڪوششون جاري رهنديون آهن، شاگرد يونين تي پابندي مڙهي شاگرد سياست ممنوع بڻائي ويندي آهي، جيئن اسان جي ملڪ ۾ ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ ته، ون يونٽ خلاف تحريڪ هجي، ايم آر ڊي (هلچل) هجي يا وري ٻيون ڪي جدوجهدون، انهن ۾ شاگردن جو ڪردار اهم ۽ بنيادي رهيو آهي. اهو صرف هتي ئي نه پر دُنيا جي سمورن ملڪن ۾ شاگرد سگهاري قوت رهيا آهن. رڳو ايران جو ئي مثال وٺجي ته اتي تهران ۾ 1979ع ۾ آمريڪي سفارتخاني تي شاگردن قبضو ڪري 22 آمريڪين کي 444 ڏينهن تائين يرغمال بڻائي رکيو ۽ ان سان سڄي دُنيا ۾ ٿرٿلو مچيل رهيو (هتي اهو بحث ناهي ته اهو عمل دُرست هو يا نه؟) مطلب ته جتي به سماج جو باشعور طبقو شاگرد تحرڪ ۾ آيو آهي ته ان جي اڳيان رياستي طاقت جٽاءَ ڪري نه سگهندي آهي. بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم جي حوالي سان اهو احتجاج شروع ٿيو هو. توڙي جو شاگردن جي مطالبي تي بنگلاديشي عدالت طرفان رليف به مليو پر اهو احتجاج ختم نه ٿيو، عدالتي فيصلي کي شاگردن “اڻپورو انصاف” ٿي سمجهيو. ان احتجاج ۾ بنگلاديش جي مخالف ڌُر به پنهنجو حصو ملايو. بنگلاديشي وزير اعظم طرفان معاملي کي سياسي ڏاهپ سان نبيرڻ بدران طاقت جي ذريعي چِٿڻ جي جيڪا شروعات ٿي ان صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو. توڙي جو گورننس جي حوالي سان شيخ حسينا واجد جا اقتداري دور بهتر رهيا آهن پر اُن جي آمراڻي انداز سبب ماڻهن ۾ ڪاوڙ جا جذبا پيدا ٿيا، جنهن جو نتيجو اقتدار کان سندس علحيدگيءَ جي صورت ۾ سامهون آيو. جماعت اسلامي ۽ ان جي ذيلي تنظيمن تي پابنديءَ واري فيصلي جي ٽائمنگ به درست نٿي مڃي سگهجي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته، جماعت اسلامي ۽ ان جي ذيلي تنظيمن جو ڪردار دهشت ۽ تخريب جي ڪاررواين تي ٻڌل رهيو آهي ۽ ان ڳالهه سان ڪو گهڻو اختلاف نٿو رکي سگهجي ته شاگردن جو اهو احتجاج آخري مرحلي ته هاءِ جيڪ ٿي ويو.
بنگلاديشي شاگردن جي سگهاري جدوجهد مان اهو پيغام ملي ٿو ته طاقت ذريعي عوام جي مرضيءَ کي فتح نٿو ڪري سگهجي. ان جدوجهد مان اسان جي حڪمرانن جي سکڻ لاءِ اهو آهي ته عوام جي ٻانهن ۾ ڇَٽَ پَٽن سان هڻڻ جيترو ٻَل موجود آهي. عوام کي نان اشوز ۾ اٽڪائي ۽ اُلجهائي ڪُجهه وقت لاءِ خاموش ڪرائي سگهجي ٿو پر اها سياسي شعبديبازي عوام جو ڌيان اصلي مسئلن ۽ رياست جي تضادن تان گهڻي وقت تائين هٽائي نه سگهندي، آخري فتح عوام جي ٿيڻي آهي.