لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جون ٽي عورت اڳواڻ عندليب عباس، سعديه سهيل ۽ سميرا بخاري استحڪام پارٽي ۾ شامل ٿي ويون آهن. جھانگير ترين سان ملاقات دوران ٽنهي عورت اڳواڻن پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم اين اي عندليب عباس، ۽ اڳوني ايم پي اي سعيده سهيل ۽ سميا بخاري جھانگير ترين جي قيادت تي ڀرپور اعتماد جوا ظهار ڪيو. ملاقات م اڳتي جي سياسي حڪمت عملي ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهه ٻول ڪئي وئي. جھانگير ترين ٽنهي ڄڻين کي پارٽي ۾ شموليت تي ڀليڪار چيو. بعد ۾ فرودس عاشق اعواڻ سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي عندلين عباس ۽ ٻين ٻنهي اڳواڻن شموليت جو باقاعده اعلان ڪيو.