عنايت کي چئو وڏي صاحب کان سردار شاهه ۽ ادي کان هوم منسٽر کي ڪال ڪرائي … پوليس آفيسرن جي هڪٻئي سان چيٽ

0
42
عنايت کي چئو وڏي صاحب کان سردار شاهه ۽ ادي کان هوم منسٽر کي ڪال ڪرائي
عنايت کي چئو وڏي صاحب کان سردار شاهه ۽ ادي کان هوم منسٽر کي ڪال ڪرائي

ڪراچي(رپورٽر) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي پوليس جي جڙتو مقابلي ۾ مارڻ واري ڪيس جي جاچ دوران ايف آءِ اي پاران پوليس آفيسرن وچم ٿيل چيٽ جو رڪارڊ هٿ ڪري عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو آهي، عدالت ۾ سم نمبرن، ناردار ڪارڊ نمبرن، ٽائيم ۽ تاريخ سميت چيٽ کي جيئن جو تيئن ڪاپي ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ايف آءِ اي جي پيش ڪيل رپورٽ موجب ايس ايس پي عمر ڪوٽ اسد چوڌري سي آءِ اي انچارج عنايت زرداري کي ميسيج ڪندي چوي ٿو ته ڊي آءِ جي صاحب به 5 لک کان وڌيڪ موڪليا آهن، جنهن تي عنايت کيس ريپلائي ڪندي پڇي ٿو ته سر اڪائونٽ نمبر؟ اسد چوڌري جواب ڏنو توهان ڪٿي آهيو ته عنايت جواب ڏيندي چيو آئون ايس ايس پي سيٺار سان گڏ لانڍي پيو وڃان، جنهن تي اسد چوڌري کيس چيو اوڪي قابل احترام ڀاءُ ان دوران سي آءِ اي انچارج عنايت زرداري دانش ڀٽي کي ميسيج ڪيو ته منهنجي پٽ عمران سان رابطو ڪري 10 لک موڪليوس جنهن تي دانش ڀٽي جواب ڏنو ته ادا 10 لک موڪلي ڇڏيا آهن، ان دوران اسد چوڌري دانش ڀٽي کي ميسيج ڪندي چيو ته عنايت کي چئو وڏي صاحب کان سردار شاهه کي ڪال ڪرائي ۽ عنايت زرداري کي اهو به چئو ته ادي کان هوم منسٽر کي ڪال ڪرائي، مون به هن کي ميسيج ڪيو آهي پر هن پڙهيو ناهي، عنايت دانش کي ميسيج ڪند چيو ته پيئسن جو ڇا ٿيو، دانش جواب ڏنو ته انشاءُ الله ادا سڀاڻي توهان کي 5 لک رپيا آن لائن ڪري ڇڏيندس، شبير جسڪاڻي کي به 5 لک موڪليا آهن هاڻي ٽوٽل 15 لک ٿيا، عنايت دانش کي هڪ ٻيو ميسيج ڪيو ته مير منور لاءِ تياري ڪري رکجان، پوءِ ان ۾ سي ايم جي نوٽيس پهرين فيز ۾ سسپينشنز ۽ ٻيو سمجهي سگهو ٿا؟ اسد چوڌري عنايت کي ميسيج ڪري پڇيو ته نياز کوسو کان پڇو ڇا ٿيو؟ عنايت کيس چيو ته ستار ڪنفيوز ٿي ويو آهي، جواب آيو او ڏک جي ڳالهه آهي، جنهن بعد جاويد جسڪاڻي عنايت زرداري کي ميسيج ڪندي چيو ته ڏيو خبر؟ عنايت کيس جواب ڏنو ته مون سلطاني گواهه هٿ ڪيا آهن، جسڪاڻي پڇيو ڪيئن آهن ڪو چاڙهو اٿن؟ عنايت چيو فل ڪانفيڊنس وارا آهن، جسڪاڻي چيو ته هڪ ڪميٽي جڙي آهي، جيڪو موقف ايس ايس پي عمرڪوٽ ڏنو آهي توهان به اهو ئي موقف ڏجو ڪا به عفلت نه ڪجو، عنايت کيس جواب ڏيندي چيو ته سر جڊيشل انڪوائري ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جي توهين مذهب واري مامري کي شامل ناهي ڪيو ويو،  مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هاڻي فارنزڪ رپورٽ کي به لڪايو ويندو؟ جسڪاڻي جواب ۾ ميسيج ڪيو ته جاچ به هلندي رهندي ۽ فارنزڪ رپورٽ به رڪجي ويندي فڪر نه ڪريو، جسڪاڻي هڪ ٻيو ميسيج ڪندي چيو ته ميرپورخاص سنڌ هاءِ ڪورٽ واري آرڊر کي چيلنج ڪري فريش ڊاڪيومنيٽ جمع ڪرايو پراڻا پاڻ ئي لڪي ويندا، عنايت جواب م چيو ته اوڪي سر، ان دوران عنايت هڪ ميسيج ٻيهر ڪيو ته سائين وڊيو ايف آءِ اي فرانڪ ليب اسلام آباد پهچي وئي آهي هاڻي ڇا ٿيندو”؟ جاويد جسڪاڻي کيس جواب ڏيندي چيو ته ڊونٽ ويري پريشان نه ٿيو.