لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني راڳي عمير جسوال پنهنجي زندگي ۾ طلاق بعد مشڪلاتن ۽ نئين ۾ خوشين جو اظهار ڪيو، عمير ۽ اداڪاره ثنا جاويد آڪٽوبر 2020 ۾ شادي ڪئي وئي پر گذريل سال ٻنهي پنهنجا رستا الڳ ڪري ڇڏيا، سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي کي ان فالو ۽ شادي جي تصويرن کي ڊليٽ ڪرڻ بعد انهن جي عليحدگي جون خبرون عام ٿيون، بعد ۾ جنوري ۾ طلاق جي تصديق ٿي، جڏهن ثنا جاويد ڪرڪيٽر شعيب ملڪ سان شادي ڪري ورتي، عمير جسوال 7 آڪٽوبر تي انسٽاگرام تي گهوٽ جي لباس ۾ هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن سان سندس مداحن ۾ ان جي ٻي شادي بابت تجسس پيدا ٿيو، پر انهن پنهنجي نئين شريڪ حيات جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي، سندس پوسٽ کي مداحن تمام گهڻو ساراهيو ۽ کيس نيڪ خواهشون پيش ڪيون، تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ عمير پنهنجي طلاق بعد زندگي تي ڳالهائيندي چيو ته مان تمام گهڻو خوش آهيان، الله تمام گهڻو مهربان آهي ۽ مون کي يقين آهي ته اهو اسان کي هڪ خاص رستي تي وٺي ويندو آهي، هن وڌيڪ چيو ته مداحن جي محبت ۽ دعائون سندس لاءِ تمام اهم آهن، عمير جسوال پنهنجي نئين شادي جي باري ۾ ڳالهائيندي پرائيويسي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اهو چاهي ٿو ته ماڻهو کين انهن جي ڪاميابين سان سڃاڻين، نه ڪي ذاتي زندگي سان.