لاهور (اسپورٽس نيوز)پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر عمر گل کي ٻي عالمي ٽيم بالنگ ڪوچ جي آڇ ڪئي آهي. تازن سالن ۾ هن افغانستان ۽ پاڪستان جي قومي ٽيمن لاءِ بالنگ ڪوچ طور ڪم ڪيو آهي. هن پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز لاءِ ساڳيو ڪردار ادا ڪيو آهي. اڳوڻو فاسٽ بالر عمر گل بنگلاديش جي بالنگ ڪوچ جي ذميواري سنڀالڻ لاءِ تيار آهي. هو مئي ۾ پاڪستان خلاف بنگلاديش جي پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز دوران پنهنجو نئون ڪردار شروع ڪندو. بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي بي) طرفان 42 ورهين جي هن کي ٽن مهينن جي ڪانٽريڪٽ جي آڇ ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد ٽيم جي فاسٽ بالنگ ڊپارٽمينٽ کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي، خاص ڪري نوجوان رانديگرن سان. هڪ ڪرڪيٽ ويب سائيٽ تي خبر جي تصديق ڪندي عمر گل چيو ته ڊيل جي حتمي تفصيل تي غور ڪيو پيو وڃي، اها هڪ دلچسپ آڇ آهي ۽ مان ان جو انتظار ڪري رهيو آهيان.