عمرڪوٽ(رپورٽر) ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو اجلاس وائيس چيئرمين ميان خالد ولھاري جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنھن ۾ ضلعي اندر ڪيترائي آر او پلانٽ ۽ پاڻي اسڪيمون ناڪاره بڻيل ھجڻ بابت ڪائونسل جي ميمبرن احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ڳالھائيندي شاھنواز جوڻيجو چيو ته ضلعي ۾ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي خراب ڪاڪردگي سبب ڪيترائي آر او پلانٽ بند پيل آھن، پر کاتو ڪو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناھي انھن کان لکت ۾ رپورٽ ورتي وڃي ۽ انگ انگر ايوان آڏو رکيا وڃن، ضلعي ڪائونسل ميمبر عبدالواحد آريسر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پبلڪ ھيلٿ جا ڪامورا ضلعي چيئرمين وائيس چئرمين جي ڪا ڳالھه ٻڌڻ ۽ مڃڻ لاءِ تيار ناھن، ان ڪري اجلاس ۾ ئي نٿا اچن گذريل اجلاس ۾ به پبلڪ ھيلٿ خلاف ميمبرن دانھون ڪيون پر ڪنھن به نه ٻڌيون ان موقعي تي ضلعي وائيس چيئرمين ميان خالد ولھاري خطاب ڪندي چيو ته پبلڪ ھيلٿ کاتي عمرڪوٽ جي ايڪسيئن ۽ ذميوار آفيسرن خلاف سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي ڪارروائي لاءِ ليٽر لکيو ويندو، انھن جي ذميواري آھي ته اھي ڪائونسل کي آگاھي ڏين ان موقعي تي ميمبرن چوپائي مال واري کاتي سميت مختلف کاتن خلاف شڪايتون ڪيون اجلاس دوران غير حاضر ڪامورن کان سخت پڇاڻي جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ ضلعي چيئرمين حاجي بقا پلي جي ڏيڍ مھيني جي موڪل منظور ڪندي عمرڪوٽ ۾ ٽول ٽيڪس خلاف ٺھراءُ پاس ڪيو ويو، ٻئي طرف عمرڪوٽ ضلعي ۾ مبينا ڪرپشن ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي عمرڪوٽ جي نااھل انتظاميه جي غلط پلاننگ ۽ لاتعلقي سبب بند پيل 35 آر او پلانٽن ۽ ناڪاره واٽرسپلاءِ اسڪيمن واري مامري جو سيڪريٽري پبلڪ ھيلٿ نوٽيس ورتو آھي ۽ جاچ جو حڪم ڏنو آھي، پبلڪ ھيلٿ کاتي جي صوبائي صلاحڪار محمد سليم بلوچ ۽ پارلياماني سيڪريٽري پ پ ايم پي اي انجنيئر قاسم سراج سومرو پاران ڪجهه ڏينھن اڳ ڊي سي عمرڪوٽ جي آفيس ۾ ھنگامي اجلاس طلب ڪري پبلڪ ھيلٿ جي نااھلي سبب بند پيل 35 آر او پلانٽن ۽ ناڪاره واٽرسپلاء اسڪيمن بابت سخت پڇاڻو ڪيو ويو ھو ان بعد سندن ھدايتن تي سيڪريٽري پبلڪ ھيلٿ سنڌ پاران عمرڪوٽ جي ناڪاره بڻيل 35 آر او پلانٽن توڙي بند پيل پيئڻ جي پاڻي وارين واٽر سپلاء اسڪيمن بابت جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي ان بعد عمرڪوٽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي ايڪسيئن انجنيئرن ايس ڊي اوز ۽ سب انجنيئرن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي صوبائي صلاحڪار واري گڏجاڻي دوران پبلڪ ھيلٿ کاتي جي ڪامورن عمرڪوٽ ضلعي جي 52 فنڪشنل اسڪيمن کي اڃا وڌيڪ بھتر ڪرڻ ۽ 32 نان فنڪشنل اسڪيمن کي ھنگامي بنيادن تي مڪمل طور تي فعال بڻائڻ جو چيو ويو ھو معلوم ٿيو آھي ته سيڪريٽري پبلڪ ھيلٿ سيد اعجاز شاھ ان بابت سخت پڇاڻو ڪيو آھي ۽ عمرڪوٽ جي سمورن آر او پلانٽس کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون آھن ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي ايڊيشنل سيڪريٽري پبلڪ ھيلٿ سنڌ ايم بي جروار ٻڌايو ته سيڪريٽري پبلڪ ھيلٿ نوٽيس ورتو آھي ۽ معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته آخر ايئن ڇو ٿيو آھي آر او پلانٽ خراب ڇو ٿيا ۽ واٽر سپلاء اسڪيمون بند ڇو آھن ھن چيو ته اسان جي ڪوشش آھي ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ عوام کي پيئڻ جو پاڻي ملي جيڪو سندن بنيادي حق آھي ھن چيو ته عمرڪوٽ ۾ آر او پلانٽ جي ملازمن کي رھيل پگھارون ڏيڻ لاءِ ھڪ ڪوارٽر جي بجٽ جاري ڪرڻ لاء به لکيو ويو آھي واضح رھي ته 20 ڏينھن اڳ عمرڪوٽ ۾ صوبائي صلاحڪار ۽ ڊي سي عمرڪوٽ جي موجودگي ۾ ٿيل اعلي سطحي گڏجاڻي ۽ ان ۾ ڏنل سخت ھدايتن تي ڪو به عمل نه ٿيو آھي ۽ ڪنھن ھڪ به ڪاموري خلاف ڪارروائي ٿي نه وري ڳوٺ شھمير نھڙي انڙآباد ۽ ٻين ڳوٺن جا خراب پيل آر او پلانٽ مرمت ٿيا عوام اڄ به پيئڻ جي پاڻي کان محروم آھن.