عمر ڪوٽ جي دلچسپ ضمني اليڪشن

0
84
عمر ڪوٽ جي دلچسپ ضمني اليڪشن

اڄ خميس 17 اپريل جي ڏينھن اين اي 213 عمرڪوٽ ضلعي جي قومي اسيمبلي جي سيٽ، جيڪا نواب يوسف ٽالپر جي وفات تي خالي ٿي، ان سيٽ تي ضمني اليڪشن ٿي رھي آھي. پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان مرحوم نواب يوسف ٽالپر جي بيواه صبا ٽالپر، جيڪا ڪشميري خاندان سان واسطو رکندڙ تعليم يافتا خاتون آھي، ھوءَ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر نواب تيمور ٽالپر جي سڳي والده آھي، مقابلو ڪري رھي آھي. نواب يوسف ٽالپر گذريل ستن قومي اسيمبلي جي اليڪشنز مان ڇھن تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تان ڪامياب ٿيندو رھيو ھو، سواءِ 1997 ۾ ھو پاڪستان مسلم ليگ نواز جي اميدوار پير نور محمد شاھ جيلاني کان ھارائي ويو ھو. عمر ڪوٽ جو ھي تڪ 6 لک، 8 ھزار، 9 سئو، 97 ووٽرن تي مشتمل آھي. تڪ ۾ عمرڪوٽ شھر، سامارو، ڪنري، شادي پلي جا علائقا اچي وڃن ٿا. قومي اسيمبلي جو ھي تڪ ووٽرن جي حساب سان تمام وڏو تڪ آھي، جتي 398 پولنگ اسٽيشنز آھن. ھن تڪ ۾ پيراڻين گادين جي ووٽن کانسواءِ اقليتي ووٽ، خاص طور تي ھندن جي شيڊول ڪاسٽ جو ووٽ وڌيڪ آھي، جيڪو گذريل ٽن اليڪشنز م پاڪستان پيپلز پارٽي جي حق ۾ ويندو رھيو آھي. ٻئي طرف ھن ضمني چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جون روايتي مخالف جماعتون توڙي شخصيتون، جن ۾ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جمعيت علماءِ اسلام (فضل الرحمان)، جماعت اسلامي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (سيد زين شاھ)،  جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو)، اڳوڻا سنڌ جا وڏا وزير ڊاڪٽر ارباب رحيم، سيد مظفر علي شاھ، مسلم ليگ نواز جو مير امان اللھ ٽالپر، تقريبن ڏيڍ درجن پارٽيون ۽ اڳواڻ پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪري رھيا آھن. جڏھن ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو پير عمر جان سرھندي جيڪو ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل ۾ نامزد ٿيل آھي، اهو پڻ الڳ اميدوار آھي. 2024 جي اليڪشن ۾ مرحوم نواب يوسف ٽالپر ھڪ لک، 79 ھزار، ھڪ سئو 88 ووٽ کڻي قومي اسيمبلي جي سيٽ کٽي ھئي. سندس مقابلي ۾ مير امان اللھ ٽالپر (مسلم ليگ نواز)، جيڪو جي ڊي اي جو گڏيل اميدوار ھو، تنھن 44 ھزار، 9 سئو 61 ووٽ حاصل ڪيا ھئا. جڏھن ته تحريڪ انصاف جي حمايت سان آزاد اميدوار جي حيثيت سان لال چند مالھي 37 ھزار، 9 سئو، 58 ووٽ کنيا ھئا. لال چند مالھي جيڪو ٻه دفعا پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي جي اقليتي اميدوار طور تي چونڊبو رھيو آھي، پاڻ بنيادي طور تي مھراڻ يونيورسٽي جو گريجوئيٽ ۽ صحافي رھيو آھي. 1990 واري ڏھاڪي ۾ ھو انگريزي اخبار فرنٽيئر پوسٽ جو حيدرآباد جو رپورٽر ھو. انھن ڏينھن ۾ آئون نواب شاھ جو فرنٽيئر پوسٽ جو ضلعي رپورٽر ھوس. لال چند مالھي بعد ۾ انگريزي اخبار دي نيوز جو رپورٽر به رھيو آھي. پاڻ صحافت کان پوءِ سياست جو سفر شروع ڪيائين. ھاڻي سندس سڃاڻپ ھڪ سياستدان واري آھي.

لال چند مالھي عمران خان جي حڪومت ۾ قومي اسيمبلي جي ھيومن رائيٽس ڪاميٽي جو سرگرم ميمبر رھيو. ھو اسيمبلي جي فلور تي ۽ ان کان ٻاھر مذھبي انتھا پسندي، ھندو عورتن جي جبري مذھب مٽائڻ جھڙن معاملن تي سرگرم رھيو آھي. باوجود ان جي اڄ ٿيندڙ ضمني اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ لال چند مالھي سڀ کان بھتر اميدوار سمجھيو پيو وڃي. ان جو ھڪڙو سبب ضلعي ۾ پنجاھ سيڪڙو اقليتي ووٽرن جو ھجڻ پڻ آھي. پر لال چند مالھي جو تعلق ھندن جي “اوچي” ڪميونٽي سان آھي، جڏھن ته ضلعي ۾ اڪثريت ميگهوار، ڪولھي ۽ ڀيل ڪميونٽي سان واسطو رکي ٿي، جيڪي اڪثريت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا ووٽر سمجھيا وڃن ٿا. ان کانسواءِ ھن ٿر واري علائقي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا شيدول ڪاسٽ سان واسطو رکندڙ ۽ اسيمبلي ايوانن ۾ نمائندگي ڪندڙ ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ، ڪرشنا ڪولھي، انجنيئر گيانچند مينگهواڙ، پونجومل ڀيل. ويرجي ڪولھي پڻ سرگرم رھيا آھن. تنھنڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جي پوزيشن وڌيڪ مضبوط نظر اچي رھي آھي. ٻئي طرف لال چند مالھي کي غوثيا جماعت، فنڪشنل مسلم ليگ ۽ مالھي ڪميونٽي جي ووٽن ملڻ جي پوري اميد آھي. چونڊ مھم پاڪستان پيپلز پارتي جي اميدوار جي ڀيٽ ۾ سندس مخالف جماعتن ڀرپور ھلائي آھي. ڪالھوڪو عمرڪوٽ ۾ لال چند مالھي جي حمايت ۾ ڪيل جلسو ھڪ ڪامياب جلسو ھو. مقامي صحافين چواڻي ته ھن جلسي ۾ تڪ جا ووٽر گهٽ پر ڀرپاسي وارن ضلعن سانگھڙ، مٺي ۽ ميرپورخاص مان مريدن جو تعداد وڌيڪ ھو. اڄڪلھ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪئنالن واري مسئلي تي وڌيڪ تنقيد جو نشانو بنيل آھي. چونڊ مھم دوران چونڊ تڪ جي مقامي مسئلن جي جڳھ تي ڪئنال واري اشو وڌيڪ بيان ڪيو پيو وڃي. پيپلز پارٽي جي مخالفت ۾ عمر ڪوٽ وارو جلسو به سنڌو درياءَ بچايو مھم وڌيڪ ھو. ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي چونڊ حلقي ۾ ڪوبه مرڪزي جلسو نه ڪرائي سگهي. اھڙي سموري صورتحال ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ ھي اليڪشن کٽي ڏيکارڻ ھڪڙو چيلينج به آھي. 2013 کان وٺي ڏٺو وڃي ته جنرل توڙي ضمني چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو مقابلو اھي ساڳيون روايتي پ پ مخالف پارٽيون ۽ شخصيتون ڪري رھيون آھن پر کين خاطر خواھ ڪاميابي نه ملي سگھي آھي. جيستائين انھن سالن ۾ سنڌ ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊن جو تعلق آھي ته اھا صرف معظم علي عباسي لاڙڪاڻي مان پيپلز پارٽي جي اميدوار کان کٽي ھئي.

اچ جي اليڪشن جي نتيجن تي سموري ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي ماڻھن جون نظرون کتل آھن، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي شديد تنقيد کي منھن ڏئي رھي آھي. پر ماضي جا نتيجا ۽ ووٽرن جو ٽرينڊ ڏسڻ کان پوءِ چئي سگھجي ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي اميدوار صبا ٽالپر آساني سان ضمني اليڪشن کٽي ويندي.

[email protected]