لاهور(اسپورٽس نيوز) جڏهن 43 سالن جي آل رائونڊر شعيب ملڪ کي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ رانديگر طور کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي ۽ سرفراز کي ٽيم ڊائريڪٽر بڻايو ويو ته مداح ناراض ٿي ويا آهن،  پي ايس ايل جي 10 هين ايڊيشن جي شروعات کان اڳ، ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز 37 سالن جي سرفراز احمد کي فرنچائز جو ٽيم ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جڏهن ته فرنچائز پليئرز ڊرافٽ ۾ 43 سالن جي شعيب ملڪ کي چونڊيو. ان دوران، هڪ خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي، اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ قومي ٽيم جي بيٽنگ ڪنسلٽنٽ محمد يوسف 43 سالن جي شعيب ملڪ جي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي 10 هين ايڊيشن ۾ کيڏڻ تي سوال اٿاريو. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي عمر رسيده ڪرڪيٽرن جي پرورش ۽ چونڊ بابت پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت آهي. هي آل رائونڊر پي ايس ايل ۾ رانديگر جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيڻ دوران ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ اسٽالينز ٽيم جو مينٽر رهيو آهي. محمد يوسف چيو ته شعيب ملڪ جو رانديگر جي حيثيت سان پي ايس ايل ۾ کيڏڻ مفادن جو ٽڪراءُ آهي. جيڪڏهن توهان مون کي هن طرح کيڏڻ لاءِ چئو ٿا، ته مان به تيار آهيان. واضح رهي ته شعيب ملڪ موجوده ايڊيشن ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي رانديگر جي حيثيت سان نمائندگي ڪري رهيو آهي. هن پهرين ٻن ميچن ۾ صرف 14 رنسون ٺاهيون آهن ۽ ڪا به وڪيٽ نه وٺي سگهيو آهي.